عمران جو لانگ مارچ انقلاب لاءِ نه پر مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرائڻ لاءِ آهي: نواز شريف

لنڊن، اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ن ليگ جي قائد نواز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ جي اعلان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف لکيو ته عمران خان جو لانگ مارچ ڪنهن انقلاب لاءِ نه پر پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرائڻ لاءِ آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جو انقلاب سندس چار سالا حڪمراني ۾ عوام ڏسي چڪو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته ٻين کي چور چوڻ وارو پاڻ پرڏيهي فنڊنگ، توشه خانه ۽ پنجاهه ارب جي ڌاڙي جي ناقابل ترديد ثبوتن سان گڏ تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿيو آهي. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 28 هين آڪٽوبر کان لاهور جي ليبرٽي چوڪ کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران نيازي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي ارشد شريف المناڪ قتل کي معمولي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، عمران نيازي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، رياستي ادارن تي الزام لڳائي رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته هو بي بنياد الزامن جو سهارو وٺڻ بدران صبر کان ڪم وٺي ۽ جڊيشل ڪميشن جي نتيجن جو انتظار ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں