لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي طرفان سالياني “جشنِ مصطفيٰ صه“ جي شاندار تقريب ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري. تقريب جو خاص مهمان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر احمد بخش ڀٽو هو جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪيمپس جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ۽ پروفيسر غلام اصغر شاهه شامل هئا. جشنِ مصطفيٰ صه ۾ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قرت، نعت، ڪوئيز، تقريرن توڙي ڪيليگرافي ۽ پينٽنگ جي مقابلن ۾ حصو ورتو.ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر الطاف حسين ابڙي آجياڻو پيش ڪندي چيو ته اسان پنهنجي ڪاليج ۾ جشن مصطفا جي سلسلي جو هي پروگرام وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون. ڪائنات جي ڪارڻي جو شان خود خدا وند ڪريم بيان ڪيو آهي ته اسان بندا انهن جي ساراهه جو حق ادا نہ ٿا ڪري سگهون. پروگرام جي خاص مهمان پروفيسر احمد بخش ڀٽو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم ٻنهي جهانن لاءِ رحمت بڻجي آيا، جنهن جي اچڻ سان ڏکايل دلين جا ڏک ڏور ٿيا. پاڻ معلمِ انسانيت هئا. هن چيو ته ڊگري ڪاليج پنهنجون شاندار روايتون نڀائيندي اڄ ٻنهي جهانن جي سردار جي شان ۾ بهترين محفل سجائي آهي. اعزاري مهمان پرو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هستي سموري ڪائنات ۾ عظيم ترين هستي آهي، هو هن دنيا ۾ خدا جا آخري پيغامبر بڻجي آيا ۽ پنهنجي عمل، ڪردار ۽ اخلاق سان دشمنن کي به دوست بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ هي جشن مصطفا صلي الله عليه وسلم جو پروگرام ڏسي مان بيحد متاثر ٿيو آهيان ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ٿيندڙ مختلف مقابلا ڏسي اندازو ٿيو آهي ته هتي ڪيڏو وڏو ٽيلينٽ موجود آهي. پروفيسر غلام اصغر شاهه چيو ته پاڻ سڳورن کي صادق ۽ امين جي لقبن سان سڏيو ويندو هو. قرآن ۾ به نبي جي نعت موجود آهي سندن عظمتن کي اسان جي ناقص زبان بيان نه ٿي ڪري سگهي. جشن مصطفا صه جي مختلف مقابلن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين مان قرات جي مقابلي ۾ حبيب الله پهريون، نالي مٺي ٻيو ۽ محمد سليمان ٽيون نمبر کنئيو. نعت جي مقابلي ۾ محمد خان پھريون، بسمہ راڻي ٻيو ۽ محمد حسيب ٽيون نمبر کنئيو. ڪئليگرافي ۾ آذان کوسو پهرين، محمد طلحہ سومرو ٻيو ۽ حفيظ احمد گاد ٽيون انعام حاصل ڪيو. اهڙي طرح ڪوئيز جي مقابلي ۾ حبيب الله ڦلپوٽو ۽ حفيظ احمد گاد پهريون، عامر علي جانوري ۽ ڪاشف علي بروهي ٻيو جڏهن ته واصف علي مگسي ۽ جواد حسين سولنگي ٽيون نمبر حاصل ڪيو. هن شاندار تقريب ۾ جي ججن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو ۽ نظير حسين ميربحر شامل هئا. جشن مصطفيٰ صه ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ پروفيسرن کان سواءِ سون جي تعداد ۾ شاگردن شرڪت ڪئي.
