رياض ابڙو
عوام جون امنگون ۽ اميدون پنهنجي جاءِ تي پر ڪو اهڙو حقيقي اڳواڻ کپي جيڪو هن غريب عوام کي پيٽرول سستو ڪري ڏئي، جيڪو هنن کي ڊيزل سستي ڪري ڏئي، جيڪو بجلي سستي ڪري ڏيکاري، ڪو اهڙو مرد مجاهد اچي يا ڪو آسماني فرشتو جيڪو مهانگائي جي جن کي قابو ڪري سگهي، پوءِ اهو الف هجي، ب هجي يا ث هجي، عوام کي ان سان ڪو سروڪار ناهي، پر اهو جيڪو حقيقي خادمِ پاڪستان ٿي ڏيکاري يا جيڪو عملن اهو ڪم ڪري ڏيکاري جنهن ۾ عوام جو ڀلو ٿئي، جيڪو ان ڳالھ تي سياست نه ڪري ته هي ڪجھ نه ٿا ڪري سگهن جو اڳين حڪومت ڪجھ نه ڪري وئي، هي مثال ائين به آهي ته هڪ اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪنهن استاد نه پڙهايو ته ٻيو ايندڙ استاد ته فورن پڙهائي يا اهو ان ڳالھ ۾ ٻارن کي چريو ڪندو ته توهان کي اڳيون ماستر ڪجھ به پڙهائي ويو ان ڪري هاڻي مان به ڪجھ نه پڙهائيندم، يا ٻئي ڪنهن پيشي يا ڌندي يا نوڪري جي ڳالھ ڪيون ته جيڪي رٽاير ٿي لهي ويندا آهن، پوءِ اهي ڀلي چور هجن، جيئن اسان وٽ اهو رواج آ يا عام ڳالھ آ ته ويندڙ چور هيا ۽ ايندڙ ساڌو آهن سان ڳالھ ڦري گهري هنن سرڪار جي لاءِ به چئي سگهجي ٿي.
هڪ چيني چوڻي آ ته هڪ ماڻهو کي مڇي ڏيڻ ان جي هڪ ڏينهن جي بک ختم ڪرڻ آ پر ان کي مڇي پڪڙڻ واري ڪرت سيکارڻ سڄي عمر جي بک ختم ڪرڻ آ، ان ڪري ماڻهن کي روزگار ڏيو، روزگار جا وسيلا وڌايو، پائيدار معاشي پاليسيون آڻيو، معاشي سڌارا ممڪن ڪيو، رڳو ٽيڪس نيٽ ۽ ٽيڪس بيس نه وڌايو (جيڪي هي آءِ ايم ايف جي ڳالهين جي ڪري ايندڙ بجيٽ ۾ وڌائيندا) پر هي سرڪار هاڻي عوام کي پي ٽي آءِ جي سول نافرماني واري سياست نه سمجهائي يا گذريل سرڪار جون چوريون ڳڻائي وقت نه ٽپائي يا هي سرڪار اهو ٿي سمجهي ته هنن جي ڪم ڪارين تي عوام ڪَنُ نه ڌريندو يا هي هر ڳالھ کان ڪَنَ لاٽار ڪندا رهندا يا بلوچستان ۾ وڃي پاڻ اربابِ اخيتار هوندي به انهن غريبن کي ڏٽو ڏئي ايندا ته ”هي اعلي اختيارن سان بلوچن جي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولها لاءِ ڪوشش ڪندا“ هاڻي جڏهن پاڻ ئي اربابِ اخيتار آهن ته پوءِ رياست جي اندر ڪهڙي رياست آ ۽ ڪنهن جي رياست آ، هي سوال پاڻ ئي ٿا پيدا ڪن، بهرحال بلوچن جي حال پرسي ڪرڻ تي شهبازشريف جي همت کي سلام آ ۽ شابس اٿس، پر هن ان ڳالھ جو بهانو نه ٿا ڪري سگهن ته اڳين سرڪار ناڻي جي ڀينگ ڪري وئي آ ان ڪري هي پهرين انهن جي ايوانن ۽ اسيمبلين جي چورين ۽ اسپيڪرن جي ”نيپوٽزم“ کي خوار خراب ڪندا، بڇڙو ڪندا، ماڻهن جي آڏو ڏٺو ڪندا، ان کانپوءِ ڪم ڪرڻ جي بسم الله ڪندا، شهباز جي ڪانٽريڪٽي ناڻي واري وزير (مفتاح اسماعيل) ته هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اچي ان ڳالھ جو اشارو ڏنو ته هي في الحال پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي مهانگائي کان پنهنجي ڏيڍ سال واري حڪومت جي شروعات ڪندا باقي جي ڪم گھڻو ٿي ويو ته هي وري ايندڙ چونڊن ۾ چونڊجي ايندا ۽ پوءِ بقايا ڪم ان ايندڙ سيڪار ۾ چُڪتو ڪندا، ان مان صاف ظاهر آ ته هنن جي ڪم ڪرڻ جي نيت ناهي هي به عمران نيازي وانگي رڳو چورچور ڪندا ۽ مڙئي ڪم به پيا ڪندا، ڇو ته ڪَم ۽ غَم کٽڻا ناهن، ان ڪري هي به اهو بهانو ڪرڻ ۾ وقت ٽپائي ويندا ۽ اهو چئي ڪم هلائيندا ته اڳين سرڪار ڪجھ نه ڪيو ان ڪري اسان به رڳو صفائي ڪرڻ ۾ وقت ٽپائي وينداسين، ڇو ته ان کان اڳ نوازشريف پنهنجي 2013 واري حڪومت ۾ به اهو چوندو هيو ته زرداري حڪومت جو سڄو ڪم ئي خراب ڪري ويو آ ان ڪري ٻيا به پنج سال کپن تڏهن وڃي ملڪ جو ڪم سڌو ٿيندو.
يا ان کان اڳ به خاص نون ليگ جي سرڪار ۾ انرجي ڪرائيسز رهندا آيا هئا، جنهن ۾ خاص بجلي جي کوٽ يا اسان وٽ ته مسئلا به موسمي آهن مثال اڳيئن سرڪار جي دور ۾ اهو به ڏٺوسين ته سياري ۾ گيس گم ته وري گرمي ۾ بجلي ۽ پاڻي گم، ان ڪري ته جيڪي شيون جنهن موسم ۾ گهرجن اهي ان موسم ۾ مهيا ناهن ۽ حڪومت به پاڻ هٿ ٽنگي يا هٿ کڻي ٿي بيهي ته عوام ڇا ڪري، ٻي ڳالھ اها به آهي ته آءِ ايم ايف جا پريشر وقت جي سرڪار جي مٿان ناهن هوندا اهي ستم رڳو عوام جي مٿان ٿيندا رهندا آهن، ان ڪري بجلي جي مهانگي آ ته عوام ڏکيو آ، جي گيس ناهي ته عوام عذاب ۾ آ، جي پاڻي جي کوٽ آ ته هاري ڏچي ۾ آهن، پر اها ڳالھ به مڃن ته جڏهن انرجي ڪرائيسز ٿين ٿا ته ڊوميسٽڪ پروڊڪٽس به گھٽجي ٿي، مثال جي گيس صنعتي پلانٽن کي نه ٿي ملي ته امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس يا گهرو پورت نه ٿي ٿئي يا جي گهرو پورت نه ٿي ته مزدور عذاب ۾ آ، جي مزدور مسئلن ۾ آ ته ان جي اپت متاثر آ، جي ان جي اپت متاثر آ ته مارڪيٽ ۾ گهماگهمي يا چرپر گھٽ آ، ان ڪري جي مزدور (ملازم) نه ڪمائيندو ته مارڪيٽ مان ڇا خريد ڪندو، ان ڪري جي ان خريد جي قوت مرندي ته مارڪيٽ جي چرپر گھٽبي، جي اها گھٽبي ته وري اهي اثر ناڻي تي، واپار تي، ملڪي ڏيتي ليتي تي، في ڪس آمدني تي يا ماڻهن جي زندگي تي به پوندا، ان ڪري انرجي ڪرائيسز کي نظرانداز ڪرڻ معمولي ڳالھ ناهي.
وري جڏهن اسان جو هڪ ڏينهن وارو وزيراعظم (انيل ڪپور) اها ڳالھ ڏسي ٿو ته ماڻهن کان ان جا ماضي جا واعدا وسريا ناهن (ڀلي ان ٽائيم تي هي خادم اعلي پنجاب هيو، پر پارٽي چيئرمين به هيو) جڏهن نوازشريف جي هوندي هي چوندو هيو ته بجلي جو کوٽ پنجن مهينن ۾ پوري ٿي ويندي ۽ ائين ڪري ڪري اهو خادم اعلي وقت ٽپائي ويو پر هاڻي ته حقيقي ڪم کپي، سکڻا واعدا هن قوم ڏاڍا ڏٺا آهن، هن عوام سول نافرماني تي ناچ گانا به ڳايا آهن، هن غريب عوام کي ڪروڙين نوڪرين جي آسرا ۽ بهانا به ڏٺا آهن، ”آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان خودڪشي ڪرڻ بهتر آ“ جهڙا ڊراما به ڏٺا آهن، ان ڪري هاڻي جي هي به مفتاح اسماعيل جيڪو ويچارو اين اي 249 ڪراچي واري سيٽ تان هارايل آ پر پوءِ به شهباز پچ ٻڌي مهري ڪري ڇڏيو اٿس، ۽ هي قانوني طور انهن آءِ ايم ايف جي ٽيم سان ڳالهائڻ جي لائق به ناهي، ان ڪري اڳين سرڪار وانگي جن هفتي هفتي جي لاءِ ناڻي جا وزير رکيا، جن ورلڊ بئينڪ کان معيشت جا ڊاڪٽر به گهرايا پر بيمار معيشت کي چاڪ نه ڪري سگهيا ۽ معيشت کي اهو ٻَرو چڙهيل رهيو، ۽ هن کي به ساڳي طريقي صلاحڪار ڪري هلائيندا ۽ ڇهن ميهنن اندر وري اسلام آباد جي ڪورٽ هنن کي به نوٽيس موڪليندي ته اڻ چونڊيل وزير نه ٿو ٿي سگهي، ان ڪري نون ليگ جو اڳوڻو ناڻي جو وزير (شوڪت عزيز) جيڪو آءِ ايم ايف وٽ پڳ رلائڻ جو ماهر هيو پر بدقسمتي سان ان کي پي ٽي آءِ وارا ٽڪي ۾ خريد ڪري وزارت تي ويهاري ويا پر ڪم نه ڪڍي سگهيا.
ان ڪري عوام به ان ڳالھ تي رڙيون ضرور ٿو ڪري جڏهن سياستدان ازدها اسٽيجن تي بيهي عوام جي امنگن وٽان ڳالهائن ٿا، جڏهن اهي رزوگار جي ڳالھ ٿا ڪن، جڏهن اهي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ڳالھ ٿا ڪن، ان ڪري ته پاليسيون آمريڪي هجن، چيني هجن يا روسي هجن يا ڪنهن ٻئي ملڪ جون هجن، پر هجن عوام جي اميدن وٽان، هاڻي اها ڳالھ ته مڃون ٿا ته مهانگائي هن سرڪار يا ايندڙ سرڪار جي وس جي ڳالھ ناهي، ان ڪري آءِ ايم ايف وٽ جيڪو به ويندو اهو عوام کي پيڙهڻ جون ڳالهيون ڪندو جنهن ۾ پيٽرول، گيس ۽ بجلي ته مهانگي ڪرڻ جي ڳالھ ڪندو، يا جيڪو به حڪمران معاشي سڌارا نه آڻيندو اهو پاڻ به خوارخراب ٿيندو ۽ عوام کي به ان نور مان ڪڍندو، عمران جي حڪومت هوندي يا سندس هاڻوڪي سياسي بيروزگاري هوندي به سندس عوام کي مهانگائي جي ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ان ڪري هاڻي خان جي سياسي پائيداري ان ڳالھ ۾ آ ته هو ته سول نافرماني جهڙي سياست ڇڏي حقيقي مخالف ڌر واري سياست ڪري ڏيکاري ۽ هن سرڪار جي لاءِ ڪنڊا وڇائي، ان ڪري ته آءِ ايم ايف جي واعدن جي ڪري هي سرڪار وارا پاڻ به ڏچي ۾ پوندا ۽ عوام کي به ڪَنڊا ڪڍرائيندا، ان ڪري وزارتن جي اڻ بڻت پنهنجي جاءِ تي پر مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف جا شرط هن سرڪار کي به ڀيلو ڪري ڇڏيندا (ان ڳالھ کان انڪار ناهي) ان ڪري ته هي جيڪو به فيصلو ڪندا اهو شهباز جي ڳچيءَ ۾ پوندو، ان ڪري حڪومت کي تڪڙي ۽ ترت اپائن جي ڳالھ ڪرڻي پوندي، جنهن جي لاءِ هن سرڪار کي چورچور واري پاليسي تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ حقيقي ڪم ڪرڻو پوندو، معاشي سڌارا آڻڻا پوندا، بيروزگاري تي قابو آڻڻو پوندن، سيڪيورٽي جا مسئلا، ڪشمير پاليسي، اندروني ۽ بيروني پاليسين جي ڪاميابي طرف ڌيان ڌيڻو پوندن ان ڪري ته ملڪ ۾ سياست هاڻي ذاتي مفادن ۽ انا پرستي کان اڳتي ناهي نڪتي، جنهن ۾ روڊن واري سياست رڳو فاشٽ ڪلچر کي وڌائيندي جنهن جا نتيجا اگرا نڪرندا ان ڪري پاليسين جو بهتر هجڻ ئي سياسي ڪاميابي آ.
