سيالڪوٽ (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران چيو آهي ته وزيراعظم جا هنيئر کان ئي هوش اڏي ويا آهن. سيالڪوٽ ۾ شاگردن ۽ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته خبر نه آهي ته توهان سان ٻيهر ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملندو الائي نه، ملڪ ۾ انصاف نه رهيو آهي. هن چيو ته چورن جو قبضا گروپ ۽ آمريڪا جي غلامن کي اسان تي مڙهيو ويو ، اسان جو مقابلو انهن چورن کي شڪست ڏيڻ ۽ ملڪ کي حقيقي آزادي ڏيارڻ آهي، جيڪڏهن هي چورن جو ٽولو اقتدار ۾ رهيو ته سڀ قربانيون ضائع ٿي وينديون. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عوام ظلم جي خلاف اٿي نه بيٺو ته پوءِ رڳو تباهي ۽ بربادي آهي. عمران خان چيو ته آمريڪا اسان جي مٿان چورن کي مڙهي ڇڏيو آهي، جيستائين زنده آهيان چورن جو مقابلو ڪندو رهندس. هن چيو ته قوم کي فيصلائتي تحريڪ لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان، جستائين قوم کي چونڊن ذريعي حق نٿو ملي تيستائين جدوجهد جاري رکنداسين.
