ٽن هفتن ۾ ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي روڊ رستا بحال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سينيئر وڪيل سرفراز خان جتوئي، ايڊوڪيٽ رفيق ابڙو، يوسي چيئرمين عبدالحفيظ سامٽيو ۽ ٻين طرفان داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊبل بئنچ جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪئي جتي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ڊپٽي ڪمشنر دادو، چيف انجنيئر آبپاشي، چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ لاڙڪاڻو، چانڊڪا اسپتال جو ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تونيو، مختلف ضلعن جا ڊي ايڇ اوز، اين ايڇ اي جو جنرل مئنيجر سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ڪمشنر لاڙڪاڻو پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ڊويزن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو ڪم جاري آهي جنهن ۾ آبپاشي کاتو ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو سرگرم آهن پر اهڙي صورتحال ۾ اسڪارپ ڊرينيج شعبي جي ڪارڪردگي بهتر ناهي تنهن ڪري پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. عدالت کي ڊي ايڇ اوز ٻڌايو ته متاثرن لاءِ لڳايل ڪئمپن ۾ دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. عدالت طرفان ڪمشنر، سمورن ڊپٽي ڪمشنرن آبپاشي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي چيف انجنيئرن ۽ نيشنل هاءِ وي جي جنرل مئنيجر کي حڪم ڏنو ته پمپنگ مشينري جي ذريعي ٽن هفتن ۾ ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي روڊ رستا بحال ڪيا وڃن گڏوگڏ عدالت ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ايندڙ ٻڌڻي تي اهڙي رپورٽ پيش ڪئي وڃي جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪندي ڪمشنر لاڙڪاڻو سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کي طلب ڪري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں