ڀٽ شاهه (رپورٽ: امير علي بليدي) ضلعي مٽياري جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي هٿرادو کوٽ خلاف جسقم پاران عبدالرشيد ڏيٿو. عابد شاهاڻي، فرحان ڳاهوٽي، اياز سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باب النوح کان ھالا پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين انتظاميا جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته مٽياري ضلعي جي اسپتالن جي ڪروڙين روپيا بجيٽ ھجڻ باوجود اسپتالن ۾ صحت جون ڪي به سھولتون نه آهن. اسپتالن جا بااثر ڊاڪٽر ويزا تي گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن. ھنن چيو ته صحت کاتي مٽياري جي عملدارن جي ڪرپشن جي ڪري اسپتالون صحت گھر بدران ڪوس گھر ۾ تبديل ٿي ويون آهن. اسپتالن ۾ ايندڙ ايمرجنسي توڙي عام بيمارين ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪرڻ بدران کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو وڃي ٿو. ھنن چيو ته اسپتالن غريب مسڪين ماڻهن لاءِ ايندڙ دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون جنھن سبب ماڻھو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ھنن چيو ته اسپتالن جا ايم ايس توڙي ڪلارڪ ڪک پتي مان لک بنجي ويا آهن جڏهن ته اسپتالون ڀوت بنگلن۾ تبديل ٿي ويون آهن. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ضلعي مٽياري جي اسپتالن لاءِ ايندڙ ڪروڙين رپين جي بجيٽ جي جانچ ڪرائي وڃي ۽ اسپتالن جا ويزا ۽ ڊيپوٽيشن تي ويل ڊاڪٽرن کي واپس ڪري ڊيوٽي جو پابند ڪيو وڃي.
