ڪراچي (رپورٽ: نصرالله جمالي) ڪراچي نادرن باءِ پاس انڊس چوڪ تي گلشن سيد ٻوڏ متاثر خيما بستي جي هزارين رهواسين جو ايم ڊي اي عملدارن خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو پنج ڪلاڪ ڌرڻو، ايم ڊي اي عملدارن طرفان بيدخل ڪرڻ لاء ڪاهه فائرنگ ۾ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪرڻ واري عمل تي هزارين متاثر سراپا احتجاج ٿي روڊن تي نڪري آيا. رپورٽ موجب : ڪراچي نادرن باء پاس عمر بروهي ڳوٺ لڳ گلشن سيد ٻوڏ متاثر خيما بستي جي رهواسين کي بيدخل ڪرڻ لاء ايم ڊي اي عملدارن طرفان سيڪيورٽي عملي سميت ڪاهه فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي عبدالماڪ سومرو کي زخمي ڪرڻ واري واقعي متاثرن جي واهر ڪندڙ سيد احمد شاهه ڪاظمي ۽ ٻين خلاف قبضي ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف هزارين ٻوڏ متاثر عورتن مردن معصوم ٻارڙن سميت خيما بستي کان احتجاجي مارچ ڪري انڊس چوڪ وٽ پهڇي ٽائرن کي باهيون ڏئي پنجن ڪلاڪن تائين احتجاجي ڌرڻو متاثرن جي حمايت ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ به حمايت طور احتجاج ۾ شامل ايم ڊي اي عملدارن جي ناانصافي دهشتگري خلاف نٽهڻ اس ۾ سخت نعري بازي ڪندي خيما بستي تي ڪاهه ڪري حملو ڪندڙ ايم ڊي اي عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙن وٽ ايس ايڇ او گلشن معمار ڳالهين لاء پهچي ويو متاثرن جو سيد احمد شاهه ۽ ٻين خلاف داخل ڪوڙو ڪيس ختم نه ٿيڻ تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڌرڻو جاري رکيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثر عورتن طرفان انقلاب زنده آباد انصاف کپي انصاف کپي جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هزارين ماڻهن جي احتجاج سبب حيدرآباد ڪراچي سميت حب بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مسافر توڙي مالبردار گاڏين جا مالڪ ڌرڻي سبڀ سخت پريشان رهيا. ان سلسلي ۾ ڌرڻي ۾ شامل اڳواڻن گلشن سيد خيما بستي جي باني سيد احمد شاهه ڪاظمي، عتيق سومرو، لياقت رند، ايس ٽي پي اڳواڻن حيات تونيو، علي بخش لاشاري، محمد علي شيخ، منٺار ڇانڊيو، عاشق ٿهيم ۽ ڳالهائيندي چيو ته ايم ڊي اي عملدارن جون مسلسل ٻوڏ متاثرن سان زياديتون جاري آهن جڏهن ته هاڻ هو دهشتگرد بڻجي سنڌ جي ماروئڙن کي بي دخل ڪرڻ لاء انهن مٿان گوليون هلايون ويون آهن جنهن ۾ هڪ ڄڻو عبدالماڪ سومرو سخت زخمي ٿي پيو آهي جيڪو زير علاج آهي سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي اهڙي دهشتگري باوجود ايم ڊي اي عملدارن طرفان متاثرن جي واهر ڪندڙ سيد احمد شاهه ڪاظمي .زخمي جي ڀاء عتيق سومرو ۽ ٻين خلاف گلشن معمار ٿاڻي تي الٽو قبضي ۽ حملي ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندي سنگين قلم مڙهيا آهن. جڏهن ته گلشن معمار پوليس اصل صورتحال معلوم هوندي به سندن وانگارو ٿي جڙتو ڪيس داخل ڪيو آهي. ان کان علاوه ايم ڊي اي جي متاثرن مٿان ڪاهه ڪري حملي وارو ڪيس بدنيتي تي نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪندي دهشتگر ايم ڊي اي وارن کي بچائڻ جي پوليس سازش ڪري رهي آهي. سيد احمد شاهه ڪاظمي چيو ته متاثرن جي واهر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مون مٿان مسلسل ايم ڊي اي طرفان قبضن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر مون کي پنهنجي سر جي ڪا به پرواهه ناهي مسڪين ماروئڙن امڙين ڀينرن تان سر قربان ڪرڻ لاء به تيار آهيان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏبو هر حال ۾ متاثرن جي واهر ڪئي ويندي. هوڏانهن متاثرن جي لڳارتار احتجاج بعد گلشن معمار پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪندڙ اڳواڻ وٽ پهچي ساڻن نئين سري سان زخمي عبدالماڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري سيد احمد شاهه ڪاظمي ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس خارج ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. جنهن بعد ايس ايڇ او احتجاجي ڪئمپ تي ويهي متاثرن مٿان حملو ڪندڙ ايم ڊي اي عملدارن ۽ سيڪيورٽي عملي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن ته ڊي سي اولهه غلام قادر ٽالپر طرفان به خيما بستي متاثرن جي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سيد احمد شاهه ڪاظمي سان فون تي رابطو ڪري خيما بستي متاثرن سان ٿيندڙ ناانصافي بابت چار رڪني ڪاميٽي جوڙي ايم ڊي اي جي عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد پنجن ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪيو جنهن بعد ٽريفڪ جي آمد رفعت بحال ٿي.
