ارشد شريف جي قتل جا پيرا سراسري طور عمران خان ۽ سلمان اقبال ڏانهن وڃن ٿا: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل جا پيرا ۽ شاهديون سراسري طور عمران خان ۽ سلمان اقبال ڏانهن وڃن ٿيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ارشد شريف سان ڊرائيونگ سيٽ تي موجود شخص خرم اي آر واءِ جو ملازم آهي، ارشد شريف جي قتل جو معاملو ٻن ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو، سراسري طور پيرا ۽ شاهديون عمران خان ۽ سلمان اقبال ڏانهن وڃن ٿيون پر جاچ جاري آهي. هن چيو ته ارشد شريف جي موت بابت ڪيس انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪينيا ۾ فارم هائوس ڪنهن جو آهي، ان جا تفصيل هڪ ٻه ڏينهن ۾ ملي ويندا. سندس چوڻ هو ته عمران خان هڪ ناسور جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، سندس مڪروهه چهرو اڄ وڌيڪ کلي سامهون آيو آهي، ان سائفر تي راند کيڏي، اهو نه سوچيو ته قوم کي ڪيترو نقصان ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ ايڇ نائين ۽ جي نائين ۾ جلسي جي درخواست ڏني آهي، اجازت کان اڳ ڏسنداسين ته اهي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تحت رهن، جيڪڏهن تحريڪ انصاف ضروري گهرجون پوريون ڪيون ته اجازت ڏينداسين. هن چيو ته حڪومت لانگ مارچ بابت تحريڪ انصاف جي درخواست جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه تي به غور ڪيو پيو وڃي ته سندن نيت صاف آهي يا نه، ڇو ته سندن ماضي جو رڪارڊ سٺو ناهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته 4 نومبر تي جلسي ۽ ڌرڻي جي اجازت گهري وئي آهي، جيڪڏهن اسان کي يقين ڏياريو وڃي ته اسان انهن کي اجازت ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو پرامن رهندا ۽ آئين جي پاسداري ڪندا ته کين اجازت ۽ تحفظ ڏنو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں