اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو لڳ ريتي شهر ۾ روڊ جي افتتاح ڪرڻ لاء پ پ پ ۾ نئي شامل ٿيندڙ ايم پي اي شهريار شر ۽ پ پ پ سينٽر ڄام مهتاب ڏهر جا حامي آمهون سامهون،ٻنهين ڌرين جي ڇتي نعريبازي، ريتي کان نرلي مائنر تائين سينٽر ڄام مهتاب ڏهر روڊ منظوري ڪرائي آهي روڊ تيار ٿيڻ کان اڳ ئي ايم پي اي شهريار شر افتتاح ڪري ڇڏيو هو، جنهن افتتاح کي هڪ مهينو گذرڻ بعد اڄ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر پاران ساڳئي روڊ جي افتتاح لاءِ تقريب رکرائي وئي، جنهن جي ڪينپ سامهون شر برادري جي ماڻهن رستا روڪ ڪري ڇڏي، لڳايل افتتاحي ڪينپ جي اڳيان عامر شر، اي ڊي شر ۽ اڪبر شر جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن گڏ ٿي احتجاجي ڌرڻو هڻي ڇٽي نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ٻي طرف لڳايل افتتاحي ڪينپ ۾ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر جا حامي به وڏي تعداد ۾ موجود هئا انهن به جوابي نعريبازي ڪئي جنهن بعد جهيڙي وڌڻ ۽ افتتاح دوران شرارت ٿيڻ جي خطري سبب ايس ايڇ او ريتي لياقت مغيري وڌيڪ نفري گهرائي زور زبردستي ايم پي اي شهريار شر جي حامين جو ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته سينيٽر ڄام مھتاب ڏھر ريتي پهچي ريتي شهر کان نرلي مائينر تائين چار ڪلوميٽر روڊ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ريتي شهر کي وڌ کان وڌ اسڪيمون ڏنيون آهن اسان جا صرف دعويٰ ناهن جنهن جا ثبوت موجود آهن، هن روڊ ٺهرائڻ کان پهريان مان دوستن کي چيلينج ڪيو هو ته ڪو ٺهرائي ڪنهن نه ٺهرائي پوء اسان ئي روڊ ٺهرائي ۽ اسان ئي هن جو افتتاح ڪيو آهي، هن چيو ته لڳي ٿو پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ نئي دوستن کي اصولن جي خبر نه آهي، جڏهن ته ريتي واسين طرفان گئس ڏيڻ جي مطالبي تي هن چيو ته ماڻهو چوندا آهن اسڪيمون اسان منظور ڪرايون آهن اسان ڏنيون آهن انهن کي مان پهريان به چيلينج ڪيو هو پر هو چار ڪلوميٽر روڊ نه ٺهرائي سگهيا، هاڻي به انهن کي چيلينج ڪندي ٽي مهينا ڏيان ٿو جيڪڏهن ريتي لاءِ گئس منظور ڪرائي سگهن ٿا ته ڪرائڻ ٽن مهينن کان پوءِ مان پاڻ ريتي لاءِ گئس منظور ڪرائيندس هي منهنجو ريتي واسين سان واعدو آهي
