اوٻاوڙو(ن س) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ جندو چاچڙ ۾ ڀٽا برادري جو مردن عورتن ۽معصوم ٻارڙن سميت مقصود ڀٽو ۽ بااثر وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت ناري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي ايوب ڀٽو، گاجي ڀٽو ۽ يعقوب ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جو ماٽيلو ڀاء مقصود ڀٽو بااثر وڏيري رسول بخش ڀٽو جي چوڻ تي اسان سان ناجائزيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان ان کي پنهنجي پيءُ جي جائيداد مان حصو به ڏيئي چڪا آهيون پوءِ به هو اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ۽ ڪوڙيون تهمتون لڳائي اسان کي ناجائز ڦاسائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي پھريان به ڪيترا ڀيرا اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پوليس ۾ ٻڌرائي اسان سان ناجائزيون ڪري چڪا آهن هاڻي ٻيهر ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان انصاف ڪيو وڃي هنن چيف جسٽس پاڪستان،پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان اپيل ڪندي چيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
