خوني مارچ ۽ ارشد شريف جي قتل تي ٿيندڙ سياست

عبدالمجيد بروھي
ڪجھ ڏينھن کان پاڪستان سميت انڊيا جي سوشل ميڊيا وارا پاڪستان جي فوج خلاف غلط بياني ڪري رھيا آھن انڊيا جي ايجنڊا تي پاڪستان جي نوجوانن کي استعمال ڪرڻ جو خطرناڪ راند کيڏڻ جو سلسلو جاري آھي ھڪ طرف پاڪ فوج بھادر سپھ سالار پاران بار بار اھو چيو ويو آھي تـ فوج نيوٽرل آھي ۽ پاڪ فوج سياست کان پري آھي پر عمران خان ۽ سندس سازشي ٽولو ھروڀرو پاڪ فوج کي سياست ۾ گھلڻ جي سازش ۾ رڌل آھن پاڪ جو سربراھ مٿين مھيني ۾ رٽائر ٿيڻ وارو آھي ان کان اڳ ۾ پاڪستان جي وزيراعظم کي آئيني اختيار حاصل آھن تـ ھو ان اھم عھدي تي ميرٽ ذريعي مقرري ڪري سگھي ٿو پر ان تي نيازي صاحب کي اعتراض آھن شايد ھو ھن وقت بـ پاڻ کي وزيراعظم پاڪستان سمجھي ٿو اسين انھن سڀني سازشين کي ٻڌائڻ گھرون ٿا تـ پاڪ فوج متحد ۽ منظم آھي ۽ پاڪستاني قوم پنھنجي افواج پاڪستان سان گڏ آھي اھي انڊين ايجنٽ آھن جيڪي سوشل ميڊيا سميت پنھنجن جلسن ۾ ملڪي ادارن خلاف گھٽ وڌ ڳالھائي رھيا آھن ارشد شريف جي قتل بعد جيڪو بيشرمي وارو ڪم سوشل ميڊيا تي ھلايو ويو ان سان پاڪستاني قوم کي سخت غم ۽ غصو آھي ارشد شريف جي قتل تي اھي سڀ کان وڌيڪ روئي رھيا آھن جن کيس ھتي پاڻ وٽ رھائڻ بجاء ان کي خوف ۽ ڊيڄاري کيس چيو تـ تون ھتان ھليو وڃ ھتي توکي ماري ڇڏيندا وغيرا وغيرا عمران نيازي صاحب پاڻ بار بار چوندو ٿو وتي تـ ارشد شريف کي ھن چيو تـ ملڪ ڇڏي ھليو وڃ ھتي توکي رھڻ نـ ڏيندا ھتي سوال اھو ٿو اٿي تـ ڇا اھو صاحب ارشد شريف کي بني گالا ۾ رھائي نـ پيو سگھي اتي تـ فول پروف سيڪيورٽي آھي جيڪڏنھن اتي نـ پيو رھاسگھيس تـ پنجاب ۾ انھن جي پنھنجي حڪومت آھي ڇا اتي ارشد شريف کي سي ايم ھائوس ۾ رھڻ نـ گھربو ھيو جٿي ڪمانڊوز کان وٺي سڀ جا سڀ ادارا پنجاب حڪومت جي وزيراعلا نـ پر عمران خان جي زيردست آھن ھي جيڪو ھمراھ آھي مراد سعيد جيڪو چوي پيو تـ ھو پاڻ عمران خان جي حڪم تي ارشد شريف کي سڀ کان پھريان پنھنجي گاڏي ۾ کڻي وڃي پشاور ۾ رھايو ان بعد کيس ڪي پي ڪي حڪومت جي خاص گاڏي ۾ کيس ايئرپورٽ پھچايو جتان کيس دبئي موڪليو ويو سائين مراد سعيد صاحب ارشد شريف جيڪڏنھن ڪي پي ڪي ۾ ھيو تـ اتي رھايو ھا ان غريب کي اتي سي ايم ھائوس ڪير بـ انجو ڪجھ بـ بگاڙي نـ سگھي ھا اتي سي ايم ھائوس جي سيڪيورٽي ان کي مليل ھجي ھا تـ شايد ارشد شريف اڄ زندا ھجي ھا اڄ ان جا ٻار يتيم نـ ٿين ھا ڪنھن ماء جي جھولي خالي نـ ٿي ھا ڪنھن جو جيون ساٿي ان کان نـ وڇڙي ھا عمران خان ارشد شريف جي قتل بعد فورن لانگ مارچ جو اعلان ڪيائين جنھن ان قتل تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ملڪ جي نوجوان نسل کي پاڪـ فوج خلاف ڀڙڪائي سوشل ميڊيا تي واويلا ڪرائي رھيو آھي جنھن جو کيس جواب ڏيڻو پوندو بحرحال ارشد شريف ۽ عمران خان جي ھڪ خاص دوست فيصل واوڊا ڪالھ پريس ڪانفرنس ڪري عمران خان کي ننگو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ملڪ جي عوام کي اصل سچ ٻڌائي ڇڏيائين فيصل واوڊا چيو آھي ارشد شريف جا قاتل اھي آھن جن کيس پاڪستان ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ارشد شريف کي جن استعمال ڪيو جن کيس اسٽيبلشمينٽ خلاف ڀڙڪايو اھي ارشد شريف جا قاتل آھن ھن چيو تـ ارشد شريف کي دبئي مان ڪنھن بـ نـ ڪڍيو ھيو اتي انجي ويزا جو وقت ختم ٿيو ان بعد ھو ڪينيا ھليو ويو اسٽيبلشمينٽ سان سندس رابطا بحال ٿي چڪا ھيا ھن چيو تـ ارشد شريف ڪينيا ۾ ڪنھن وٽ رھي پيو اھي ٻئين ھمراھ ڪير آھن ۽ انھن جو واسطو ڪنھن سان آھي سڀ ڄاڻ آھي ھن چيو آھي تـ ارشد شريف کي ڪار جي اندران گوليون ھنيون ويون آھن انھن قاتلن سميت سڀني کي انجام تائين پھچائيندس ھن چيو تـ ارشد شريف اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ ھيو جيڪو ھاڻي واپس اچي رھيو ھيو ۽ جن ھن کي اسٽيبلشمينٽ خلاف ڀڙڪايو ھيو انھن جي خلاف کيس اھم ثبوت ملي چڪا ھيا جيڪي ھو واپس اچي قوم کي ٻڌائي ھا تـ ملڪ ۽ ملڪ جي ادارن خلاف سازش ڪندڙ ڪھڙا آھن ھن عمران خان کي خبردار ڪندي چيو تـ اوھان جو مارچ خوني مارچ ثابت ٿيندو جنھن ۾ سوين بيگناھ ماڻھون مري سگھن ٿا ھر طرف رت ئي رت ھوندو ھي آزادي مارچ نـ پر خوني مارچ آھي جنھن کان پنھنجي قوم جي نوجوانن کي بچائڻ چاھيان ٿو ھن چيو تـ جن سازش ڪري ارشد شريف کي ملڪ کان ٻاھرموڪلي مارايو اھي ساڳيا سازشي عمران خان کي رستي تان ھٽائي انجي جڳھ تي اچڻ چاھين ٿا ھن جي موجب ھن عمران خان کي بـ چيو آھي تـ پنھنجي اردگرد بيٺل دشمنن کان بچي انھن کان پري رھي پر عمران خان ھاڻي مڪمل طور تي انھن جي چنبي ۾ اچي ويو آھي جن سازشين ارشد شريف کي مارايو آھي انھن جي چوڻ تي عمران خان خوني مارچ ڪري رھيو آھي. فيصل واوڊا جي ڳالھين ۾ ڪيتري صداقت آھي اھو رب ٿو ڄاڻي پر ھن يار جي بيباڪي ۽ سچائي جا قصا پاڻ پي ٽي آء وارا ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چڪا آھن فيصل واوڊا جذباتي آھي پر ڪوڙو نـ آھي ھاڻي ارشد شريف جي قتل جي تحقيقات ۾ عمران خان مراد سعيد ۽ فيصل واوڊا کي پڻ شامل ڪرڻ گھرجي باقي خوني مارچ تي ھاڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي نظرثاني ڪري ازخود نوٽيس وٺڻ گھرجي خوني مارچ جي ڳالھ ٻيو ڪير يا ٻئي ڪنھن پارٽي جو اڳواڻ نـ پر پي ٽي آء جو اھم اڳواڻ ۽ پي ٽي آء جي دور حڪومت جو اھم وزير پاران ڪيو ويو آھي ھن جي بيان بعد اھي خدشا وڌي ويا آھن تـ پي ٽي آء چيئرمين ھڪ خاص ايجنڊا تحت لانگ مارچ ڪرائي ان کي خوني مارچ ۾ تبديل ڪرائي ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪري اقتدار بيگناھ ماڻھن جي لاشن مٿان چڙھي حاصل ڪرڻ چاھي پيو ھاڻي کان ھن سازشي کي روڪڻ تمام ادارن مٿان فرض لاحق ٿئي پيو خوني مارچ کي روڪيو وڃي ۽ عمران خان کي ارشد شريف جي قتل ڪيس ۾ شامل تفتيش ڪيو وڃي.
Brohimajeed123@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں