چنيوٽ (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته رياستي ادارا به عمران ۽ ان جي رجيم جي ناڪاري ڪردار تي اٿي پيا آهن. چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته عمران خان جو مارچ آزادي نه ڇڙواڳي مارچ آهي، اڳ ۾ عمران خان 126 ڏينهن ڌرڻو هڻي چين کي اسان کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ وري اها ئي حرڪت ڪري رهيو آهي، چين کي خبر آهي ته اسان جي حڪومت ڪجهه مهينا بچي آهي پر ان باوجود سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته رياستي ادارا ان وقت ميدان ۾ لهندا آهن، جڏهن ڪنهن جي ڪردار ۽ حرڪتن سان رياست کي خطرو هجي، عمران خان حڪومت دوران ملڪ کي کوکلو ۽ معيشت کي تباهه ڪيو، اڄ وري عمران خان پاڪستان کي پيرن تي بيهڻ نه پيو ڏئي. سندس چوڻ هو ته اسان عمران خان کان وڏي ملين مارچ ۽ آزادي مارچ ڪيا آهن، 15 ڏينهن اسلام آباد ۾ ترسياسين، اسان به رياستي ادارن تي تنقيد ڪندا هئاسين ته اهي اڻ ڌريا رهن پر اسان جي ڪنهن عمل سان رياست کي ڪنهن قسم جو ڪو خطرو محسوس نه ٿيو. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اڄ ڇو اسان جا ادارا ايتري حد تائين مجبور ٿيا جو انهن کي ميڊيا تي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي، اسان جي اداري کي عمران خان جو اڇو چٺو دنيا سامهون رکڻو پيو.
