ڪراچي (خاص عيوضي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي چونڊن ۾ نائب صدر جي عهدي تي ٽن اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ آزاد اميدوار طور شعيب ڀٽو به اميدوار آهي. شعيب ڀٽو روزاني “سنڌ” سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ آزاد ملڪ ۾ سنڌين جو هڪ بهترين ادارو موجود آهي، جيڪو سندن ڀلائيءَ لاءِ بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. شعيب ڀٽي چيو ته جمهوري طريقي سان اليڪشن ٿئي ٿي ۽ منهنجي بيهڻ جو مقصد نوجوان قيادت ۽ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ آهي.هن چيو ته هن وقت تائين ڏٺو ويو آهي ته نوجوان سانا ۾ گهٽ حصو وٺندا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪي بزرگ هن تنظيم ۾ آهن، اهي هاڻي پنهنجي اولاد کي اڳتي آڻين. هن چيو ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪميونيڪيشن گيپ آهي، مان جيڪڏهن چونڊجي آيس ته رابطن کي وڌائبو. هن چيو ته جيڪو به گروپ کٽي مان ٻنهي سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ٻنهي پئنلن سان منهنجا سٺا تعلقات آهن. هن اهو پڻ چيو ته اسان جا جيڪي چيپٽر آهن، انهن کي فعال بڻايو ويندو. شعيب ڀٽي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ڪوشش ڪندس ته سانا پاران هڪ وڪيل مقرر ڪيو وڃي، جيڪو خاص ڪري اميگريشن جا مسئلا ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪري. هن چيو ته مون کي پبلسٽي جو شوق ناهي، مان اڳ ۾ به ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو آهيان. هاڻي به کٽان يا نه کٽان پر مدد جاري رکندس. هن ميمبرن کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجو ووٽ جو صحيح استعمال ڪري کيس ڪامياب ڪيو وڃي.
