سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي واڪ ڪيو ويو

ڄامشورو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس پاران نمرا ڪئنسر اسپتال ڄامشورو جي سهڪار سان ڇاتيءَ جي ڪئنسر بابت آگاهيءَ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زيرو پوائنٽ کان آرٽس فئڪلٽي تائين واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽيچرز، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. واڪ جي اڳواڻي بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر غزالا پنهور، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، نمرا ڪئنسر اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد شاهد اقبال، نمرا ڪئنسر اسپتال ڄامشورو جي ڪنسلٽنٽ اونڪولاجي ڊاڪٽر نسيمه منير ۽ اونڪولاجسٽ ريڊيئيشن ڊاڪٽر آمنه سليمان ڪئي. ريليءَ ۾ شريڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هٿن ۾ ڪئنسر بابت جاڳرتا وارا بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا. آرٽس فئڪلٽي پهچڻ بعد آءِ آر شعبي جي نيلسن منڊيلا هال ۾ ڇاتي جي ڪئنسر کان بچڻ جي حوالي سان هڪ ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو، جتي نمرا ڪئنسر اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد شاهد اقبال چيو ته ڇاتيءَ جي ڪئنسر خلاف سجاڳي مهم قومي سطح تي عام ڪرڻ گهرجي ۽ پمفليٽ توڙي معلوماتي مواد ورهائڻ گهرجي ته جيئن عورتن ۽ مردن کي ڄاڻايل مرض بابت درست معلومات ملي سگهي. هن چيو ته مردن ۾ ڇاتيءَ جي ڪئنسر جي پکيڙ بابت لاعلمي سبب مرض جي سڃاڻپ ۾ دير ٿئي ٿي ۽ بيماري انساني جسم ۾ پنهنجي گرفت مضبوط ڪري وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آگاهيءَ جي کوٽ سبب 89 سيڪڙو مريضن جي سڃاڻپ حالت خراب ٿيڻ کان پوءِ ۽ 59 سيڪڙو مريضن جي سڃاڻپ حالت ۾ بگاڙ کان اڳ ٿي. ڊاڪٽر نسيمه منير چيو ته ڇاتيءَ جو ڪئنسر قابل علاج مرض آهي ۽ جيڪڏهن اهو بروقت ڊائگنوز ٿيو ته ان جو مؤثر علاج موجود آهي. هن چيو ته نمرا ڪئنسر اسپتال ڄامشورو ۾ مريضن جي ابتدائي اسڪريننگ، مرض جي سڃاڻپ، بايوسپي، الٽراسائونڊ ۽ ميموگرافي جي سهولت موجود آهي. ڄاڻايل ٽيسٽن تي خرچ برداشت جوڳو آهي، جيڪو هڪ عام ماڻهو ڀري سگهي ٿو. هن چيو ته عورتن سان گڏ مردن ۾ به ڇاتيءَ جو ڪئنسر وڌي رهيو آهي، تنهنڪري مرد به جسم ۾ ڪا غير معمولي حرڪت محسوس ڪن ته ڊاڪٽرن سان ضرور رجوع ڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں