سنڌ ۾ برساتن سبب ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن،سندن ڪا به واهر ناهي ڪئي وئي:نياز ڪالاڻي

ھنڱورجا(ن س) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آھي ته سنڌ اندر بارشن سبب ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھون متاثر ٿيا آھن پر سنڌ حڪومت ان سنگين صورتحال ۾ به  ڪرپشن ۽ نااھلي جا نوان رڪارڊ قائم ڪندي سنڌ جي متاثر غريب ماروئڙن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي جنھن ڪري اھي ماڻھو تاريخ جي وڏي اذيتن مان گذري رھيا آھن جنھن ڪري سنڌ جي پ پ سرڪار کي اگر ٿورو به شرم آھي ته استعفا ڏئي ۔ مرڪزي اڳواڻ پنھل ساريو سان ۽ آصف راھوجو سان گڏ ھنڱورجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ سان سندس سئوٽ ٻڍل خان چانگ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ طرف 2010 جي خطرناڪ ٻوڏ جي تجربي ۽ ڪافي وقت اڳ خطرناڪ برساتن جي اطلاع باوجود سنڌ حڪومت نااھلي جي انتھا ڪندي ڪوبه تحرڪ نه وٺي ھٿ سان سنڌ کي ٻوڙايو ۽ ڪروڙين ماڻھن کي بدترين زندگي جو تحفو ڏنو مٿان وري سندن ڪابه سار نه لڌي ۽ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي جنھن تي سنڌ حڪومت تي عالمي عدالتن ۾ ڪيس داخل ٿيڻ گھرجن ۔ ھن چيو ته ھن وقت به لکين ماڻھون روڊ رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن ۽ مٿان وري بيمارين جا حمله جاري آھن ۽ سرڪار کين پيناڊول جي گوري ڏيڻ کان به قاصر آھي ۔ ھن چيو ته صحافي ارشد شريف کي انھن طاقتور ڌرين قتل ڪرايو آھي جن جي اکين لاء ھو ڪنڊو ھيو ۽ اسين سندس قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۔ جڏھن ته سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ رھيل علائقن ۾ پ پ خراب ڪارڪردگي سبب  شڪست جي خوف کان مڪاني چونڊن کان فرار ٿي رھي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں