عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ لاءِ ڪجھ به نه ڪيو:نفيسه شاهه

ڪنب(رپورٽ:عبدالخالق ڪلادي) پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نفيسا شاھ جيلاني جي ڪنب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي ارشد شريف جو ٻاھرين ملڪ ۾ قتل افسوسناڪ عمل آھي، صحافي کي ملڪ ڇو ڇڏڻو پيو ان تي به جاچ ٿيڻ گھرجي هن چيو ته اسان ھميشا صحافين جي حقن جي ڳالھ ڪئي آھي صحافين سان ھر ڏکي گھڙي ۾ گڏ آھيون هڪ سوال جي جواب ۾ سيدا نفيساشاه جيلاني چيو ته عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ لاءِ ڪجھ به نه ڪيو، هن وقت لانگ مارچ جو اعلان بھتر وقت نه آھي ملڪ ڏکئي وقت مان گذري رھيو آھي عمران خان کي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ اليڪشن جو انتظار ڪرڻ گھرجي پيپلزپارٽي  جيڪو لانگ مارچ ڪيو ھيو منظم طريقي سان ڪيو ھيو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو ڪوبه اعلان نه ڪيو هو ۔هن چيو ته عمران خان جيڪو سکر اچي اعلان ڪيو ته ھڪ ارب برسات متاثرن کي ڏينداسين اھو خبر ناھي ڪنھن کي ڏنو ويو ۔نفرت واري سياست ڪڏھن ڪامياب ناھي ٿيندي سياست ۾ سياسي ٻولي استعمال ڪرڻ گھرجي ھن وقت ملڪي حالتن کي ڏسي سڀني سياسي جماعتن کي ملي ڪري ملڪ لاء ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں