عمرڪوٽ(ڊ ر ) سنڌ جي نامياري شاعر ۽ قومي ڪارڪن ماما جمن دربدر جي وڇوڙي تي عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو، سياسي سماجي حلقن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين طرفان کيس لفظي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي ڪوٺايل ميڙاڪي دوران سنڌ جي نامياري ليکڪ قومپرست اڳواڻ تاج جويو چيو ته ماما جمن دربدر ڪڏهن نه وڪيو نه جهڪو نه اهڙو سڪو ٺھيو جيڪو ماما جمن دربدر کي خريد ڪري سگهي ماما جمن دربدر سنڌ جو انمول هيرو هو نامياري ليکڪ مير حسن آريسر چيو ته ماما جمن دربدر سنڌ ۽ سيد جو سچو ۽ يگانو عاشق هو هميشا مظلوم مسڪين ماڻھون جو درد رکندڙ ھو ان موقعي تي پريس ڪلب جي سرپرست اعلي سينئر صحافي حاجي گل حسن آريسر، سينئير صحافين رسول بخش رحمداني، الياس ٿري سميت ٻين پڻ ماما جمن دربدر جي زندگي تي روشني وڌي ۽ کيس لفظي ڀيٽا پيش ڪئي ميڙاڪي ۾ صحافين اديبن شاعرن سماجي ورڪرن پريس ڪلب جي صدر غلام محمد ڪنڀر، سينئير صحافي سيد ريحان شاھ، ماما جمن دربدر جي پٽ سگهڙ ساند، سيد عمران شاھ، ناھيد حسين خٽڪ، عبداالله کوسو، ارباب ڀيل، امين ميمڻ، گل بجير، باغي سومرو، ثنا ساند، اتم سنگراسي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
