لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڇاتي جو ڪينسر پاڪستاني عورتن ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جڏهن ته نوجوان ڇوڪريون به ان ۾ مبتلا آهن، جيڪي اڻڄاڻائي سبب ڊاڪٽر وٽ پهچڻ کان اڳ ئي اسٽيج 3 ۽ 4 جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي چڪيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ماهرن ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي انتظام هيٺ لينار ڪينسر اسپتال لاڙڪاڻو ۾ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جي تقريب ۽ واڪ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو جنهن ۾ ڊائريڪٽر لينار ڊاڪٽر عبدالصمد شيخ، هيڊ آنڪولوجي ڊپارٽمينٽ ۾ زناني بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ارم ناز، لينار جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ اسٽاف شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروفيسر رفيعه بلوچ ۽ ڊاڪٽر سڪينه گاد خاص طور تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر لينار ڊاڪٽر عبدالصمد شيخ چيو ته پاڪستاني عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جو مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ نوجوان ڇوڪريون به ان جو شڪار ٿي رهيون آهن، عام طور تي ٻين ملڪن ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عمر واريون عورتون هن بيماري ۾ مبتلا ٿينديون آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ 20 کان 40 سالن جي عمر جون عورتون به ان جو شڪار ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هن وقت لاڙڪاڻي جي لينار ڪينسر اسپتال ۾ مريضن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي جتي بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جي مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي جڏهن ته پرائيويٽ ادارن جي بنسبت ائٽمي انرجي ڪميشن جون سرڪاري اسپتال ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا مرضن کي سڀ کان وڌيڪ سستو علاج فراهم ڪيو ويندو آهي جڏهن ته غريب مستحق مريضن کي سموريون سهولتون مڪمل طور تي مفت فراهم ڪيون وينديون آهن. ڊاڪٽر ارم ناز چيو ته پاڪستان ۾ عورتون شرم جي ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر جي باري ۾ نه ڳالهائينديون آهن ۽ شڪايتون هوندي به ان بيماري کي سنجيدگي سان نه ورتو ويندو آهي ان ڪري انهن عورتن کي اها آگاهي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي جيئن انهن ۾ ڇاتي جي ڪينسر، رت اچڻ ۽، ٻيون علامتون ظاهر ٿيڻ تي فوري طور تي مشورو ڪري ان مرض جي تشخيص ڪن. هن چيو ته شڪايت کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو وڃي پر عورتن کي ٻڌايو وڃي ته سيني ۾ ڍڳي يا رت آهي، ڪينسر جون ٻيون علامتون به آهن جن ۾ ويجنل خارج ٿيڻ به شامل آهي، ان جي فوري طور تي ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ بعد تشخيص ضروري آهي. هن چيو ته عورتون اڪثر شروعاتي علامتن کي نظر انداز ڪندي بيماري جي ٽئين يا چوٿين اسٽيج تي پهچڻ کان پوءِ اسپتال ۾ داخل ٿينديون آهن ان وقت تمام وڌيڪ نقصان ٿي چڪو هوندو آهي. ڊاڪٽر ارم ناز وڌيڪ چيو ته نوجوان ڇوڪرين جو هن بيماريء ۾ مبتلا ٿيڻ غيرمعمولي ڳالهه آهي تنهن ڪري هن بيماري کان بچڻ لاءِ آگاهي جي سخت ضرورت آهي.
