حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوفي سنگت حيدرآباد جي اڳواڻ آڪاش ملاح ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ وقار هيسباڻي، رضا راڄڙ، نور محمد پالاري ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آهي ته 2020 ۾ ڪرونا وبا دوارن ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ سندن 3 مهينن جي پگهار پڻ روڪي وئي آهي، هن چيو ته لمس اسپتال ڄامشورو ۾ ملازمن 3 مهينن جي پگهار نه ملڻ ڪري احتجاج ڪيو هو تنهن تي مڇرجي بنا جواز اسپتال جي ايڊمن ستار جتوئي، پيرا ميڊيڪل اي ايم ايس شوڪت لاکو ۽ اي ايم ايس غلام قادر دل 18 ملازمن کي نوڪرين کان ڪڍي ڇڏيو آهي، هن چيو ته بعد ۾ اسپتال ايڊمن ستار جتوئي معافي وٺرائي پنهنجا نوازي طور ڪجهه ملازمن کي نوڪري ڏني آهي باقي ٻيا اڃا دربدر آهن، هن چيو ته ملازمن جي پگهار 25 هزار روپيا آهي پر افسوس اسپتال ۾ ويٺل بااثر کين طرف 9 هزار روپيا پگهار ڏيندا هئا جيڪا 3 مهينا نه ملڻ جي صورت ۾ ملازمن احتجاج ڪيو ان تي مڇرجي کين نوڪرين تان فارخ ڪيو ويو جيڪو غريب ملازمن سان وڏي ناانصافي آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ملازمن کي 3 مهينن جي پگهار جاري ڪري نوڪرين تي بحال ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
