نيوٽرل، جانور، مير جعفر يا مير صادق ان ڪري چيو پيو وڃي، ڇو جو اسان غيرقانوني ڪم کان انڪار ڪيو: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان جو سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ ملاقاتون ڇو ٿا ڪريو، کيس ايڪسٽينشن ڏيڻ جون ڳالهيون ڇو ٿيون ڪيون وڃن. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم چيو ته ڪنهن کي به مير جعفر، مير صادق چوڻ جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ بنا شاهدين جي الزامن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. نيوٽرل ۽ جانور ان لاءِ نه چيو ويو ته اسان ڪا غداري ڪئي آهي پر اهو سڀ ان لاءِ چيو پئي ويو ته اسان غير قانوني ڪم کان انڪار ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم چيو ته منهنجي پاليسي چٽي آهي. اڄ مان پنهنجي ذات جي لاءِ نه پر پنهنجي اداري جي لاءِ آيو آهيان. ڪوڙ سان فتني ۽ فساد جو خطرو هجي ته سچ جو چپ رهڻ ٺهي نٿو. مان پنهنجي اداري، جوانن ۽ شهيدن جو دفاع ڪرڻ لاءِ سچ ڳالهائيندس. هن چيو ته اسان جي شهيدن جو مذاق اڏايو ويو. غير قانوني ڪم کان انڪار کان انڪار هڪ ماڻهو يا صرف آرمي چيف جو فيصلو نه پر پوري اداري جو فيصلو هو. نديم انجم وڌيڪ چيو ته هن سال مارچ کان اسان مٿان تمام گهڻو پريشر آهي. اسان فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي آئيني ڪردار تائين محدود رکڻو آهي. جنرل باجوه چاهي ٿا ته پنهنجا آخري ڇهه ست مهينا سڪون سان گذاري سگهيو ٿي پر جنرل باجوه فيصلو ملڪ ۽ اداري جي حق ۾ ڪيو. جنرل باجوه ۽ سندس ٻارن مٿان غلط تنقيد ڪئي وئي. آرمي چيف کي ملازمت جي مدي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪڏهن اوهان جو سپهه سالار غدار آهي ته ماضي ۾ ان جي تعريفن جا پل ڇو ٻڌا ويا. جيڪڏهن اوهان جي نظر ۾ سپهه سالار غدار آهي ته ان جي ملازمت ۾ واڌ ڇو ٿي ڏني وئي. جيڪڏهن اوهان جو سپهه سالار غدار آهي اڄ به اوهان ان سان ڇو لڪي ملندا آهيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم موجب عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جو چيو ھو. آرمي چيف ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري آڇ ٿڏي ڇڏي، سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ هُن سان ملاقاتون ڇو ٿا ڪريو؟.

راولپنڊي: سينيئر صحافي ارشد شريف جي موت ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آھي تھ پنهنجي ذات لاءِ نه پر اداري جي خاطر ميڊيا جي سامهون آيو آهيان. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم موجب عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جو چيو ھو.. مارچ ۾ منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي پر مون ان جو دفاع ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، پنهنجي اداري جي غازين ۽ شهيدن  جي دفاع لاءِ ميڊيا جي سامهون  آيو آهيان. پريس بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ جو چوڻ ھو تھ غير آئيني ڪم کان انڪار ڪنهن هڪ فرد يا آرمي چيف نه پر اداري جو فيصلو هو. نديم انجم وڌيڪ چيو ته هن سال مارچ کان اسان مٿان تمام گهڻو پريشر آهي. اسان فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي آئيني ڪردار تائين محدود رکڻو آهي. جنرل باجوه چاهي ٿا ته پنهنجا آخري ڇهه ست مهينا سڪون سان گذاري سگهيو ٿي پر جنرل باجوه فيصلو ملڪ ۽ اداري جي حق ۾ ڪيو. جنرل باجوه ۽ سندس ٻارن مٿان غلط تنقيد ڪئي وئيآرمي چيف ملٽري ڊپلوميسي تحت عوام جي مفادن لاءِ ڪم ڪيو، ڪنهن جي ڌرڻي يا لانگ مارچ تي ڪو به اعتراض نه آهي، احتجاج ڪرڻ هڪ آئيني حق آهي. مارچ 2021 کانپوءِ ڪنهن به اليڪشن ۾ فوج يا آءِ ايس آءِ جي مداخلت جو ثبوت آهي ته سامهون آڻيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته منهنجي اداري ۽ ايجنسي جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان انا ناهي، جنهن پارٽي جي اوهان ڳالهه ڪري رهيا آهيون ان ۾ منهنجا ذاتي دوست ۽ ٻين جماعتن کان وڌيڪ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جو چوڻ هو ته جيترا به اجلاس ٿيا اسان جون صلاحون ۽ بيانئيو اهو ئي هو ته اوهان جيڪو ڪرڻو آهي آئين تحت ڪرڻو آهي.

راولپنڊي: ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم چيو ته ادارن خلاف ڳالهيون ٿيون ته وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن مذمت ڪئي، اهو نه چوندس ته حڪومت ڄاڻي واڻي خاموش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ  چيو ته پاڪستان جا صحافي ڪيئي خطرن باوجود پنهنجو ڪم سٺي نموني پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن، صحافين کي لفافو چوڻ خلاف آهيان، ڪير صحافي اهڙو ناهي جنهن کي مان ڊي جي آءِ ايس آءِ طور لفافو چئي سگهان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں