ملير(رپورٽ: ثناءَالله شيخ) پورٽ هائوسنگ ڪمپليڪس ۾ قائم بوائز سيڪنڊري اسڪول( ڪيمپس) ۾ بهترين تعليم هجڻ جي ڪري ملير جو مثالي اسڪول ٿي ويو، ڊي اِي او بوائز سيڪنڊري ملير سراج احمد ميمڻ، هيڊ ماستر، بقا محمد لوهر، شفقت حاجاڻو( صدر گسٽا ڊسٽرڪٽ ملير) ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ ڪاوش ۽ ڪوششن سان اسڪول ۾ پي ايڇ ڊي اسائمنٽ هولڊر ۽ انجيئنرنگ ڊگري هولڊر استاد مقرر هجڻ جي ڪري اسڪول ۾ بهتر نظام هجڻ جي ڪري ملير جي مختلف علائقن گلشن حديد، رزاق آباد، گهگهر ڦاٽڪ، ماروي ڳوٺ، پپري، اسٽيل ٽائون جي پرائيوٽ اسڪولن مان والدين پنهنجي ٻارن کي ڪڍي ڪري بهتر تعليم لاءِ پورٽ قاسم بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪيمپس ۾ داخل ڪرائڻ لڳا،جتي ٻارن جي معياري تعليم سان گڏ بهتر استادن جي زير نگراني ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان شفقت حاجاڻو(صدر گسٽا ڊسٽرڪٽ ملير) صحافين کي ٻڌايو ته پورٽ قاسم جو هي اسڪول جنهن مقام تي آهي ان ۾ ڊي اِي او بوائز سيڪنڊري ايجوڪيشن سراج احمد ميمڻ جو هٿ آهي، جنهن اسان ملي ڪري اسڪول کي بهتر بنائڻ لاءِ بهتر استاد مقرر ڪيا ۽ اسڪول جي هيڊ ماستر محمد بقا ۽ اسان استاد ملي ڪري ٻارن جي بهتر تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ بهتر تربيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان وٽ ٻار بنا ڪنهن جواز جي موڪل يا اسڪول نه اچڻ تي فوري طور تي والدين سان رابطو ڪيو ويندو آهي ۽ روز جي بنياد تي سمورن ٻارن جون ڪاپيون چيڪ ڪيون وينديون آهن ۽ ذهني مشق ڪرايون وينديون آهن، ٻارن جي ڪارڪردگي ڄاڻڻ لاءِ ذهني حوالي سان سوال ڪيا ويندا آهن، هن چيو ته اسان ڊي اِي او ايجوڪيشن ملير، هيڊ ماستر پورٽ قاسم ڪمپليڪس ۽ استادن جو شڪر گذار آهيان جنهن جي ڪري آڄ ملير ۾ اسان جو اسڪول مثالي آهي
