ڊگهڙي: برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو ڌرڻو

ڊگھڙي (ن س) ڊگھڙي ڀرسان ديھ۔170 کان  سم نالي ڪيترائي ڳوٺ ۽ ھزارين ايڪڙ فصل ٻوڙي ڇڏيا انب موري اسٽاپ تي صبع کان وٺي شام تائين عورتن ۽ مردن جو ڌرڻو جاري، ڊگھڙي ڀرسان ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد انب موري اسٽاپ تي سماجي اڳواڻ احسان جروار، رازق ڏنو ڪلوئي ۽ سوين عورتن ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو جڏھن سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون اڳواڻن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه  واعدو ڪيو ھو ته علائقي مان جلد پاڻي نيڪال ڪرائيندس پر اڃا تائين پاڻي نيڪال ڪو نه ڪرايو واعدا تان انتظاميا فري وئي آھي انھن جي نااهلي جي ڪري ديھ 170 کان نڪرندڙ غير فطري ۽ نامڪمل سم نالي کي هنڌان هنڌان گهارا پئجي ويا ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو اٿس تازو برساتن کانپوءِ نامڪمل سم نالي ٽنڊوجان محمد ۽ انب موري ڀرسان وڏي تباهي آندي آهي بيٺل پاڻي ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ضلعي جي انتظاميه پنهنجي نااهلي کي بچائڻ لاءِ پاڻي نيڪال لاءِ اڃان تائين ڪي به اپاء ناهن ورتا هڪڙا اڳ ئي ٻڏل آهن وري انهن کي بچائڻ لاءِ روڊ تي ڪٽ ڏئي باقي بچيل عوام کي ٻوڙڻ اهو مسئلي جو حل ناهي هنن چيو ته نامڪمل سم نالي جو ڇوڙ پراڻ ۾ ڪرائي سوين ڳوٺ ۽ فصل بچايا وڃن ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ڌرڻي ۾ عورتن ۽ مردن سميت آس پاس جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں