آمريڪا سان لاڳاپا بگاڙڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٻيهر بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا: شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا بگاڙڻ جي اسان کي ڪهڙي ضرورت هئي؟ آمريڪا سان لاڳاپا ٻيهر بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پوليس سروس آف پاڪستان جي 48 هين ايس ٽي پي بيچ جي پاسنگ آئوٽ پريڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوليس دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان پنهنجو حق ادا نه ڪيو ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندو، پاڪستان ڏکي صورتحال مان نڪري رھيو آھي، ٻوڏ متاثرن کي کاڌي پيتي سميت هر سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون،  پوليس اهلڪارن جون قربانيون ضائع نه ڪيون وينديون، قوم جي جون نياڻيون زندگي ءَ جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ورزن، عزم، امانت ۽ ايمانداري هجي ته واري به سون بڻجي ويندي آهي جنهن جو مثال دبئي اسان جي آڏو آهي، پاڪستان کي الله تعاليٰ ڪيئي قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، نوجوان پٽ ۽ نياڻيون ادا ڪيون آهن جيڪي پنهنجي سِر جي بازي لڳائي وطن لاءِ جانيون قربان ڪندا آهن، سندن جديد طرز ۽ ٽيڪنالوجي ذريعي تربيت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 75 سالن کانپوءِ اسان جا ٻار سوال پڇن ٿا ته قائد اعظم وارو پاڪستان ڪيڏانهن ويو، ننڍڙا، ننڍڙا ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ اسان 75 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين گول دائري ۾ ڦري رهيا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سالن کان المارين ۾ دفن اسپتال سميت ڪيترن ئي منصوبن تي سعودي وفد ۽ ولي عھد محمد بن سلمان کان معافي ورتي، سعودي ولي عھد 12 ارب ڊالر جي آئل ريفائنري جو منصوبو کڻي پاڪستان اچي رھيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں