تحريڪ آزاديءَ جو برک اڳواڻ ۽ دلير صحافي حاجي محمود هالائي

سليم محمود هالائي
هالا جي زرخيز مٽيءَ کي قدرت اهو مانُ ۽ مرتبو بخشيو آهي جو هن مان ڪيترائي بزرگ، درويش، اديب، شاعر، صحافي ۽ ڪهنه مشق املھ ماڻڪ هيرا پيدا ٿيندا رهيا آهن. سخي مخدوم سرور نوح رحه جي نگري مان سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت ۽ تحريڪ آزادي پاڪستان جو مردِ مجاهد حاجي محمود هالائي مرحوم تاريخ 8 مارچ 1908ع تي سنڌ جي هٿ جي هنرن ،ثقافت جي مرڪز ۽ روحانيت جي محور هــالا جي هڪ غريب ۽ دين دار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد اسحاق ميمڻ هالائي هو. جيئن ته سندس پيدائش هالا ۾ ٿي تنهنڪري کين ”هالائي“ جي لقب سان سڏيو ويو. پاڻ شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪيائين. 1926ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين .مرحوم حاجي محمود هالائي نيڪ ۽ خوش اخلاق باصلاحيت ۽ غريب پرور انسان هو. پاڻ 1926ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ قدم رکندي 1938ع تي هالا ۾ پرنٽنگ پريس جو بنياد وڌو جيڪا هڪ سال جي مختصر عرصي بعد 1939ع ۾ ميرپور خاص منتقل ڪري اتان هفتيوار همدرد اخبار 1942ع ۾ جاري ڪيائين ۽ پنهنجي وس آهر ملڪ ۽ قوم خاص طور ضلع ٿرپارڪر جي مظلوم غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي خدمت ۽ ترجماني ڪيائين۔ تاريخ 1 نومبر 1967 تي هفتيوار ”هـمـدرد“ اخبار جا 25 سال پورا ٿيڻ تي ضلع ڪائونسل هال ميرپورخاص ۾ سلور جوبلي جي تقريب منعقد ڪئي ويئي .جنھن جي صدارت برک اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪرڻ فرمائي ۔ پاڻ صحافت سان وابسته هئڻ جي ڪري صحافين جي مختلف تنظيمن جو عهديدار ۽ باني پڻ رهيو. حاجي صاحب ٿرپارڪر ايڊيٽرس ائسوسيئيشن جو صدر، ڊسٽرڪٽ پرنٽنگ پريس ايسوسيئيشن جو صدر ، ميرپورخاص پريس ڪلب جو باني صدر، انجمن مديرانِ سنڌ جو پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. حاجي صاحب بهترين خوبين جو مالڪ هو، جڏهن ڪنهن اداري جي گڏجاڻي منعقد ٿيندي هئي ته ان جي ڪارروائي پوري ضابطي سان ۽ خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو کين صوبه سنڌ ۾ جڏهن به ادبي يا سماجي محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون ته کين مهمانِ خاص جي حيثيت سان گهرايو ويندو هو.جتي صدارت جا فرائض سر انجام ڏيندا هئا. حاجي محمود هالائي ٻالڪ پڻ کان ئي حريت پسند خيالن جو ماڻهو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو 12،13 سالن جي عمر ۾ تعليم ڇڏي خلافت تحريڪ ۾ عملي حصو ورتائين ۽ وطن جي آزادي ۽ مسلمان قوم کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ وارين تحريڪن ۾ اول خلافت تحريڪ پوءِ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ، خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين.ڪيترا ڀيرا قـيـد و بند جون تڪليفون برداشت ڪيائين ۽ بعد ۾ خدمتِ خلق جي جذبي تحت عملي طور صحافت سان وابستگي اختيار ڪيائين. اسان جي مــردِ قـلندر زندگيءَ جي هر موڙ تي انسان دوستيءَ جي راهه ۾ سچائي سان نينهن نڀايو آهي ۽ اصول پرستيءَ کي پنهنجو شعار بڻايو آهي، اها هڪ الڳ ڳاله آهي ته ڏنڊي جي ڏاڍ سان ڏيهه ۾ ڏڦير ڦهلائيندڙن کيس وقت بوقت عظيم آزمائشن ۽ سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا پئي ڪيو جن کي هيءُ مردِ قلندر مڙسيءَ ، همت ۽ جوانمرديءَ سان منهن ڏيندو رهيو هروڀــرُو ڪڏهن به همت نه هـاري هُو پٿرن ۽ پهاڙن تان پير پتُون ڪندو ڏُکن جا ڏونگر ڏوريندو اڳتي وڌيو ۽ آخري دم تائين غريبن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو حاجي صاحب جي زندگيءَ بابت ٿرپارڪر مارئي جي ملڪ جا مارُو گواهه آهن ته حاجي محمود هالائي ٿر جي ڏڪارن ، غريب ماروئڙن جي بک ، بدحالي بابت دنيا جو توجه ڇڪائي ٿــر ۾ موجود قدرتي نعمتن ۽ وسيلن جي نشاندهي ڪندو رهيو . مالڪ سائين شال سندس لغزشن کي معاف فرمائي ۽ سندس مرقد تي مهرِ مصطفيٰ صه جو مينهن وسائي آمين. مرحوم حاجي محمود هالائي 30 آڪٽوبر 1983ع تي وفات ڪيائين سندس مـزار سندس اباڻي قبرستان
هالا نوان شهر ۾ آهي.هن موقعي تي دُعا آهي ته رب پاڪ مرحوم سميت هيءُ فاني ڇڏي وڃڻ وارن کي پنهنجي محبوب مديني واري سائين جي صدقي ۾ جنت الفردوس اندر حضرت محمد صه ۽ آلِ محمد جي سايه ۾ رکڻ فرمائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں