تلھار ويجهو دومگر سوامي جو ساليانو ڏهاڙو ملهايو ويو، ياترين جون دانهون

تلهار(رپورٽ: علي رضا خواجه) تلھار جي ڳوٺ چانري ۾ قديمي مندر دومگر سوامي جو ساليانو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مير پور خاص ،ٽنڊوالهيار ،حيدرآباد ،ڪوٽڙي ،ڪراچي ،بدين ،ماتلي ٽنڊومحمد خان سميت ڪيترن ئي شهرن توڙي ڳوٺن مان سوين ياترين پهتا جڏهن ته قديمي مندر ۾ آيل مهمانن کي ميزبانن طرفان کين ڀنڊارو تقسيم ڪيو ويو ،ان موقعي تي صحافين جي وفد سان سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر هرجي،بصر راڪاڻي،فقيرو راڪاڻي،پونو،رتن ڪمار ،هميرو ،سنيل راٺوڙ ،گيتا ،شويتا ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان تلهار ۾ اسان جي مندر ۾ اچون ٿا ۽ پنهنجون مذهبي رسمون آزادي سان ادا ڪيون ٿا هتي جا مسلمان ڀائر به اسان جي هر طرح سپورٽ به ڪن ٿا ۽ اسان جا ٻانهن ٻيلي به رهن ٿا هنن وڌيڪ چيو ته هن قديمي مندر دومگر سوامي جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان به قديمي آهي هتي حڪومت طرفان ڪابه سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي نه هتي واشروم آهن نه پئيڻ جي لاءِ صاف پاڻي ،نه مسافر خانو آهي جتي پري پري کان آيل ياتري رهي سگهن جڏهن ته هتي ياترين ۾ وڏي تعداد ۾ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي پڻ آهي جيڪي پڻ انتهائي ڏکيا ٿين ٿا هنن وڌيڪ چيو ته اسان هي مندر پنهنجي ڪميونٽي کان چندو گڏ ڪري ٺهرايو آهي هن مندر ۾ هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي سرڪار طرفان ڪوبه سهڪار ناهي ڪيو ويو جڏهن ته هتي هندو ڪميونٽي جي وڏي تعداد رهي ٿي جيڪي هتان جي چونڊيل نمائندن جا ووٽر پڻ آهن ياترين پاران سنڌ حڪومت ،ضلع حڪومت توڙي هتان جي چونڊيل نمائندن سميت اقليتي نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته قديمي مندر دومگر سوامي ۾ ياترين لاءِ سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جئين اسان پنهنجون مذهبي رسمون سهي طريقي سان ادا ڪري سگهون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں