خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ “ريسرچ ميٿڊالاجي” تي تحقيقي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

خيرپور (ڊر)خيرپور ميڊيڪل ڪاليج خيرپور ۾ ڊپارٽمينٽ آف ڪميونٽي ميڊيسن جي ھيڊ ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو طرفان پڙھندڙ ڊاڪٽرن لاءِ ھڪ ڏينھن جي “ريسرچ ميٿڊالاجي” تي تحقيقي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.جنهن ۾  وائيس پرنسپل ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري، ڊين نيچرل سائنس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ڊاڪٽر پروفيسر عبدل حسين شر،پروفيسر شام لال، ڪميونٽي ميڊيس ڊپارٽمينٽ جي ھيڊ ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، پروفيسر ڊاڪٽر شاھد جمال، پروفيسر ڊاڪٽر آزاد لاشاري، پروفيسر ڊاڪٽر جاويد سمون،پروفيسر ڊاڪٽر جاويد بدوي، پروفيسر ڊاڪٽر ڪرپال داس، ڊاڪٽر مختيار احمد لاکو، ڊاڪٽر نويد سولنگي، ڊاڪٽر اختر ڦل، ڊاڪٽر عبدل رشيد ناپر، ڊاڪٽر ھريش ماکيجا، ڊاڪٽر صفدر تنيو، ڊاڪٽر عجاز ميتلو، ڊاڪٽر شھزاد طارق ۽ شاگردن ڪاري ڪامڻ، دماغ جي بيمارين، پتي جي پٿري ۽ ٻين موضوعن تي پنھنجا تحقيقي رسرچ پيپر پرھيا..تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيلڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ ڏنا ويا ،تمام مقررين ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو جي ڪاوش جي ساراهه ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں