ملير(ڊ ر) تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي جي ميمبر دعا ڀٽو ۽ حليم عادل شيخ جي شادي 4 سال به نه هلي سگهي، ايم پي اي طاهره عرف دعا ڀٽو پنهنجي مڙس حليم عادل شيخ کان عليحدگي ڪرڻ جو فيصلوڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ ميمبر سنڌ اسيمبلي دعا ڀٽو حليم عادل شيخ کان طلاق لاءِ عدالت سان رجوع ڪندي ملير جي فيملي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ،ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ 2018ع ۾ دعا ڀٽو سان شادي ڪئي هئي حليم عادل شيخ کي دعا ڀٽو مان هڪ سال جو پٽ پڻ آهي حليم عادل شيخ جي ٻي شادي دعا ڀٽو سان ٿي هئي.
