سامارو(ن س) ٽنڊو جان محمد واسي ڳوٺ ميرجان محمد ٽالپر (ربو )واسي پيرسن واسن خاصخيلي سامارو ۾ ميڊيا سان ڳالهيندي چيو منهنجو اسان جي برداري جي ماڻهن رجب خاصخيلي وارن سان گھرو اچ وڃ هئي، ڪجھ عرصو اڳ رجب خاصخيلي منهنجي زال کي ورغلائي وٺي وڃي زبردستي ويھاري ڇڏيو جنهن جي دانهن سمورن معززين کي ڏني پر ڪنهن به نه ٻڌي, ھاڻي وري گذريل ڏينهن منهنجي ڪراچي ۾ ڪم ڪنـدڙ پٽ گلشير کي ٽنڊو جان محمد گھرائي منهنجي پٽ گلشير ۽ نياڻي سلميٰ کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي مون کي شڪ آهي ته منهنجي ٻچن کي قتل ڪيو ويندو ھن چيو ته منهنجي پٽ کي اغوا ۽ گم ڪرڻ ۾ رجب خاصخيلي، عباس خاصخيلي، ابراھيم خاصخيلي وارا ملوث آهن جن خلاف ڪارروائي ڪري منهنجي ڌيءَ سلميٰ ۽ پٽ گلشير بازياب ڪرايا وڃن . هن چيو ته مون کي پڻ جوابدارن مان خطرو آهي ان ڪري سامارو ۾ پنهنجي اڳين گھرواري مان ڄايل پٽ وٽ اچي پناھ ورتي آهي ھن انصاف جو مطالبو ڪيو.
