سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي جس ڏيان ٿو، اهي تڪليف ۾ آهن پر پوءِ به خاموش آهن، جلسا جلوس نٿا ڪن:گورنر سنڌ

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ميھڙ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ تي سيلاني جي سربراھ بشيرفاروقي جو شڪر گذار آھيان،  مون عھدو سنڀالڻ بعد پھرين ڏينھن متاثرن وٽ پھچڻ جي ڪوشش ڪئي، رستي ۾ ايندي پاڻي ڏسي مون کي خوف وٺي ويو تہ ان ۾ سنڌ جو عوام زندگي ڪيئن گذاري رھيو آھي،  منھنجي ڪوشش ھوندي تہ مان ھنن متاثرن لاءِ ڪم ڪريان ، سنڌ جي گورنر هائوس جا دروازا سنڌين لاءِ کليل آھن، سنڌ محبت جي ڌرتي آھي، سنڌ ۾ محبتن جو نئون دور شروع ڪريون، ماڻھن کي تڪليف آھي پر اھي خاموش آھن، متاثر  ھڪ ماني تي گذارو ڪري رھيا آھن پر اھي جلسا جلوس نہ پيا ڪن مان کين جس ڏيان ٿو ھن چيو ته عمران خان کي چوان ٿو تہ عمران خان جلسا ڀلي ڪري پر ھر ماڻھو کي چئي تہ رڳو ھر ماڻھو ھڪ جوڙو ڪپڙن جو کڻي ھنن جي واھر ڪري ھو مارچ انتشار جي بجاءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪري، ھي وقت انتشار ۽ رياست کي ڪمزور ڪرڻ جو ناھي، مارچ بجاءِ ھتي اچي ھنن متاثرن جي مدد ڪن ھن چيو تہ سنڌ حڪومت متاثرين لاءِ بھترين ڪم ڪيو آھي، مون چيف سيڪريٽري کي حڪم ڪيو آھي تہ سنڌ جي سمورن ادارن کي متحرڪ ڪري ماڻھن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري. ھن چيو تہ اسان ڪڏھن پوئتي نہ ھٽنداسين، اسان رياست سان گڏ آھيون اميد ٿا ڪريون تہ مارچ پرامن ھوندو ان کان اڳ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ميھڙ پھتو گورنر جي ميھڙ پھچڻ تي انڊس هاءِ وي بند ڪري کيس ھيلي ڪاپٽر روڊ تي لاٿو ويو جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ کي پڻ بند ڪيو ويو ھو. گورنر سنڌ ميھڙ جي ڊگري ڪاليج وٽ سماجي تنظيم سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو افتتاح ڪيو گورنر سنڌ ٽينٽ سٽي ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ ٽينٽ سٽي ۾ ٽينٽ اسڪول جو دورو ڪري اسڪولي ٻارن سان مليو ۽ ٻارن ۾ چاڪليٽ بسڪيٽ ورھايا گورنر سنڌ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري متاثرين سان پڻ ملاقات ڪئي گورنر سنڌ ميھڙ جي دوري دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا، ان موقعي تي گورنر چيو ته اسان ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرين لاء ڪيمپ قائم ڪئي آھي متاثرين جي گھرن جي تعمير ٻج ڀاڻ ۽ ٻيون سھولتون کين ڏنيون وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں