رياض ابڙو
هڪ ته پرائي باھ ۾ نه ڪِرجي يا ٻئي جي جنگ نه وڙهجي يا ٻئي جي جهيڙي ۾ نه پئجي، پر عمران خان ته عوام جي سياست ڇڏي رڳو ادارن سان وڙهڻ جون ڳالهيون ٿو ڪري، ڇو ته هي اڃان تائين ڪرسيءَ جي ڪيڏاري مان ٻاهر ناهي نڪتو ۽ سمجهي ٿو ته رڳو روڊن تي بيهي نعرن جا پڙاڏا ڪجن ۽ سياست ڊي چوڪ کان وٺي لبرٽي چوڪ تائين پڄائجي پر هن شخص ۾ اهڙي ڪا سياسي ۽ اخلاقي جرئت ناهي ته هي پارليامينٽ ۾ وڃي حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪري يا ڪنهن حڪومتي پاليسين تي ڪا نڪتاچيني ڪري يا حڪومت کي ان طرح “ٽف ٽائيم“ ڏئي ويهي پر هي رڳو روڊن تي رڙيون ڪرڻ ڄاڻي يا رڳو سکڻو چورچور، يا هي خان رڳو ڪنٽينرن تي چڙهي سول نافرماني ڪرڻ ڄاڻي يا ميڊيا پرسنز جي اونرشپ ڪري ڄاڻي ڇو ته هن جي لاءِ ڪير تعريف جا بند ٻڌي يا ڪير رڳو اهو چئي ته ڪپتان وڏو ايماندار آ ته بس همراھ ڦونڊ ڀرجي ويندو يا هڪ ٻي ڳالھ به بهتر ڪري ڄاڻي ته ميڊيا تي مهم بازي ڪيئن ڪجي يا ”ڪيبورڊ واريير“ ڪيئن پالجن ان ڪري ته هن رڳو سوشل ميڊيا تي پنهنجي سياست جي ”ريٽنگ“ (پولنگ) ڪرائي ڏٺي آ ۽ سمجهي ويو آ ته هن جا ڪمپيوٽر ايڪسپرٽ ڪيئن اهي سڀ ڪم هلائي سگهن ٿا ان ڪري عوام النّاس کي ائين چريو ڪري سگهجي ٿو ڇو ته هن جي سمجھ ۾ اها ڳالھ به پختي ويٺل هئي ته اسٽبلشمينٽ، عسڪري ادارا ۽ مخالف ڌر هن جي آڏو هڪ چپٽيءَ جو کيل آهن ۽ ادارا ته هن جي کيسي ۾ پيل آهن ۽ توشاخانا جو ڪيس جڏهن انائونس ٿيو ته هن جا ڪارڪن روڊن تي ٽائر ساڙي اليڪشن ڪميشن جي آڏو ڌرڻو هڻي بيهي رهيا ۽ هنن کي پڪ هئي ته ٻئي ڏينهن اهي ادارا قانون ۽ آئين اورانگهي هن جي حق ۾ فيصلو ڏيندا ۽ هي انهن سياسي ۽ عسڪري شخصن کي به ادارن وانگي بدنام ڪري ڪم ڪڍي ويندو ان ڪري رڳو اليڪشن ئي کٽڻي آ ته معني ڪا ڳالھ ناهي ۽ هن وٽ اهو کٻي هٿ جو کيل آ ڇو ته چونڊون معني رڳو عوام کي روڊن تي نچائڻ ۽ انهن روڊن وري عوان جي آڏو پنهنجو ڪيس رکڻ ته جيئن عدالت عوام جي طاقت ڏسي پنهنجو فيصلو ڦيرائي، يا هڪ ٻيو فلسفو اهو به آهي ته جي عوام جي آڏو ڪير صحيح آ ۽ ڪير غلط آ ته پوءِ دِيرِ ۽ سوات ۾ هڪڙي سياسي پارٽي ٿي جيتي ته ڪراچي جي ملير واري سيٽ تي وري ٻي پارٽي ٿي کٽي ته بلوچستان ۾ ٽئين پارٽي ٿي سوڀاري ٿئي ته پوءَ چور ڪير آ يا سڀ صحيح آهن يا ڪي پي وٽ جيڪي ساڌو آهن اهي بلوچستان ۾ چور آهن يا جيڪي سنڌ ۾ ساڌو آهن اهي پنجاب ۾ چور آهن ته پوءِ ڏوهي ڪير ٿيو يا رڳو زرداري ۽ نوازشريف عمران جي نظر ۾ چور آهن يا عدالتون شهبازشريف کي به مني لانڊرنگ مان بري ٿي ڪري يا مريم نواز به ايون فيلڊ مان آجي ٿي ٿئي يا نيب جي ڪيسن مان زرداري به ڇٽي ٿو وڃي ته پوءِ عمران جي اهڙي سياست رڳو پنهنجا ووٽ پڪا ڪرڻ آ ٻيو ڪجھ به نه، ان ڪري عوام جي سياست هي ماڻهو ڪري ئي نه ٿو.
پر عمراني هاڻي سياست ڊي چوڪ مان ڦري وڃي لاهور جي لبرٽي چوڪ تي دنگ ڪندي جيئن هن 1992 ۾ مال روڊ تي هڪ ٽرڪ تي چڙهي ان ئي عمران خان اهو ورلڊ ڪپ لهرايو هيو ۽ نوازشريف کان گلن جا هار پائي وڏو سرهو ٿيو هيو، ان ڪري هاڻي ڊي چوڪ تي نه ايندا ۽ لانگ مارچ لاهور مان شروع ڪري وري لاهور ۾ ئي ختم ڪندا ڇو ته اسلام آباد جو رخ هنن پي ٽي آءِ وارن جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو ۽ هنن جون بي تحاشا گرفتاريون به ٿي سگهن ٿيون جن مان وري هي جان نه ڇڏائي سگهندا ان ڪري جو پهرين هنن پي ٽي آءِ وارن جي مٿان ڪورٽن جي ڪيسن جي باھ ٻري پئي آ جنهن ۾ توشاخانا مان جان ڇڏائي سزا کائي مس بس ٿا ڪن ته وري مٿان فارين فنڊنگ جي تلوار ٽنگي پئي اٿن ان ڪري ته هنن جي سياست جا پويان پير کاٽ ۾ وڃي ٿا پون ۽ چوري ڪري پيرا ڊاهي نه ٿا ڇڏن پر سڀ لقاءَ ۽ نقشا ڇڏي ٿا نڪرن جنهن ۾ وري پاڻ ڦاسي ٿا پون ان ڪري سياست عوام جي ڪجي، سياست پارليامان جي ڪجي سياست سياستدانن ۾ ويهي ڪجي ۽ سياست ۾ ”هائيڊ آئوٽ“ لِڪَڻَ ۽ ڇَپَڻَ جون جايون نه ڳولهجن ڇو ته سياست سڌي پير ڪجي، ادارن سان نه ٽڪرائجي ۽ قانون ۽ آئين کي مذاق نه بڻائجي ان ڪري قانون تي هلي جڏهن هڪ ڊرائيور روڊ تي عزت سان گاڏي هلائي سگهي ٿو ته سياست به پاليامان ۾ ساڳي ناموس ۽ عزت سان سياست به ڪري سگهي ٿو ۽ ائين نه ٿئي ته ”لا ميڪرز آر لا بريڪرز“ ڇو ته جڏهن سياستدان پاڻ ئي آئين ۽ قانون جي عزت نه ڪندا ته ٻيو ڪير ڪندو، يا قانون کان مٿانهان جي رڳو پي ٽي آءِ وارا آهن ته پوءِ سڀ قانون جي لتاڙ به ڪن ان ڪري ته اهڙو حق زرداري کي به هجي ۽ اهڙي صوابديد نوازشريف کي به هجڻ گهرجي اها ڳالھ علي اعلان به سمجھ ۾ آئي ته عسڪري شخص پاڻ ان ڳالھ کي مڃن ٿا نوازشريف کي ڪڍي عمران خان کي آڻي اسان پاڻ کي “سليڪٽر“ چورايوسين جيڪو الزام هروڀرو جو هيو جنهن جو فائدو نه ملڪ کي ٿيو نه عوام کي ٿيو نه ئي ڪنهن طرح ملڪ جي ناموس ۾ ڪو اضافو ٿيو ڇو ته هن جي اچڻ سان ٻه چاپڙي سياست سامهون آئي جو آمريڪي ۽ چيني پاليسيون به خوارخراب ٿيون يا عوام ۾ اهو قدر به وائي ويٺيون يا جنهن قدر جي نگاھ سان عوام آمريڪي پاليسين کي ڏسندو هيو اها ڳالھ پوءِ باقي نه رهي يا ائين ڪرڻ سان سياست ۾ به ڪو نکار نه آيو يا ائين چئون ته مهانگائي، سيڪيورٽي جي صورتحال، ٽرانسپيرينسي ۾ ڪا بهتري آئي يا ڪرپشن گھٽجي وئي غريبن جي حالت ڀلي ٿي يا غريب ڪنهن طرح روزگار سان لڳا پر جي اهي سڀ شيون ممڪن نه هيون ته عمران جي سياست هروڀرو جي سياسي چيئرگيم جو حصو ڇو بڻي يا جيڪي پهرين عسڪري ادارا عمران خان جي ايمانداري جي ساک کڻندا هيا هاڻي اهي ادارا هن جي سياسي چريائپ جي ساک ٿا کڻ هي ماڻهو ڀلي پاڻ ڪرپٽ نه هجي يا چندي چاڙيءَ جو وڏو ايڪسپرٽ به هجي پر هن ۾ سياسي افعال ناهي هي ڪرپشن جي ٻين جو سهولتڪار نڪتو ان ڪري پاڪستان ۾ سڀ ڪجھ کڻي ممڪن هجي پر ڪرپشن پڪڙڻ آسمان مان تارا لاهڻ جي برابر آ ان ڪري گوگي هجي يا جهانگيرترين يا کڻي هن جا پنهنجا نيازي هجن پر ڪرپشن پڪڙڻ ۾ ٽائيم ٿو لڳي پر جتي جتي هن پيرا باقي ڇڏيا آهن يا جتي قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي اٿائين اتي اتي هي سڳ سوڌو پڪڙبو.
لانگ مارچ ڪجي ڇو ته سياست هر پارٽي جو بنياددي حق آهي يا سرڪار جي ڪرسي تي ويهي حڪومت جا حربا هلائي ته مخالف پوءِ ڇا ڪن يا انهن لانگ مارچن جي تناظر ۾ عمران جي سرڪار ۾ به پي ڊي ايم ڏي ”چانھ پارٽي“ جا ميسيج ايندا هيا يا عسڪري شخص هڪڙي ڌمڪي ڏيندا هين ته شيخ رشيد ٻي ڌمڪي ڏيندو هين ۽ انهن ساڳين سيٽن تي وري اهي ئي مخالف چڙهي ويٺا هن جي سياست وري به ساڳي رهندي آئي معني ”ساڳا لاٽون ساڳا چگھ“ پر پي ڊي ايم وارن سيپٽمبر 2020 کان وٺي 12 مارچ تائين لانگ مارچ جي جرئت نه ڪئي، يا پي پي وارا وري به 28 فيبروري 2022 تي لانگ مارچ کي شارٽ ڪري اڌ واٽ تان ئي موٽيا پر تصادم جي سياست نه ڪين (اها ٻي ڳالھ آ ته هنن کي اندريان ۽ ٻاهريان سگنل پڻ هيا) يا لاهور ۾ 22 نومبر 2021 واري لانگ ۾ ٽي ايل پي جو جيڪو خوني تصادم هيو ان کي وساري نه ٿو سگهجي، ان ڪري ته جيترو جاني نقصان ٽي ايل پي وارن جو هيو اوترو نقصان پنجاب پوليس وارن جو به ٿيو هيو (هتي ڳالھ تصادم واري سياست جي ٿي ڪجي) ته ماڻهن کي مارائي سياست نه ڪجي يا خوني سياست نه ڪجي ۽ اهڙي سياست کان اجتناب ڪجي، ڇو ته ڪرسيءَ جي عشق ۾ مبتلا سياست گھڻو عرصو نه ٿي هلي يا پي ٽي آءِ وارو 25 مئي 2022 وارو لانگ مارچ به ڏَيھن ڏٺو ان ڪري ڪي پي لشڪر ڪاهي هنن کي اهو سمجھ ۾ آيو ته هي پي ٽي آءِ وارا اسلام آباد تي ڪاهي ايندا ۽ قبضو ڪري ويندا، پر ٿيو ائين جو اسلام آباد جي رستن تي ڪنٽينر هڻائي انتظاميا اهو ثابت ڪيو ته سرڪار کان وڌيڪ ڪير طاقتور ناهي ان ڪري هنن پي ٽي آءِ وارن جي ڪارڪن ته ورَن ۾ پسٽل به هڻي کڻي نڪتا هيا يا ان ڏينهن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن رستن تان پاڻ رڪاوٽون به هٽائڻ شروع ڪيون هيون ۽ پنهنجي اڳواڻ وانگي هنن به اهو ثابت ڪيو هيو ته هي به روڊن تي اها ئي سول نافرماني ڪري سگهن ٿا جيڪا عمران خان ڪنٽينرن تي چڙهي ڪئي هئي ان ڪري حڪومت انهن جو ڪجھ به ٿي بگاڙي سگهي پر ٿيو ائين جو هنن جا نالي چڙهيل ڪارڪن پوليس جي ڪيسن جي ور چڙهي ويا ۽ ڪورٽن مان اڙجي ويا ۽ دهشگرديءَ جا قلم لڳرائي پاڻ کي ڦاسائي ويهي رهيا پر لانگ مارچ مان ڪو لاڀ نه ملي سگهيو ۽ بنا سبب ۽ بي سبب اهو مارچ به درهم برهم ٿي ويو.
