ميرپورخاص: معاشري ۾ وڪيل برادري جي خاص اھميت آھي، وڪيلن جمھوريت جي بقاءَ لاءِ آمرن سان مھاڏو اٽڪايو: مير منور ٽالپر

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) معاشري ۾ وڪيل برادري جي خاص اھميت آھي وڪيلن جمھوريت جي بقاءَ لاءِ آمرن سان مھاڏو اٽڪايو اھڙو اظھار پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ، ڊسٽرڪٽ بار جو صدر وڪيل شوڪت راھمون ، وڪيل محبوب ڪپري، وڪيل مير نعيم ٽالپر ،وڪيل علي حسن چانڊيو ، سميت وڏي تعداد ۾ وڪيل موجود ھئا ، مير منور ٽالپر وڌيڪ چيو ته ميرپورخاص بار صوبي جي چوٿين نمبر بار آھي. ھن بار کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پڻ خطاب ڪيو آهي. جڏهن ھن بار ناليوارا وڪيل ۽ جج پڻ پيدا ڪيا آهن ميرپورخاص بار جي وڪيلن انصاف جي فراهمي ۾ ھميشه پنھجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شوڪت راھمون بار کي درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو بار کي سنڌ حڪومت پاران ساليانو جيڪي فنڊ ملن ٿا آھي تمام گھڻا گھٽ آھن ان کان سواءِ بار جي پراڻي عمارت جي مرمت سميت پارڪنگ جي مرمت ۽ ٻيا مسئلا پيش ڪيا جنھن تي ايم اين اي مير منور ٽالپر پاران فنڊن بابت وڏي وزير سان ڳالھائڻ سميت ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جڏھن ته ان موقعي تي ايم اين اي مير منور ٽالپر پاران ضلعي ڪائونسل پاران 02 لک روپين جو چيڪ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر وڪيل شوڪت راھمون کي ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں