ٻوڏ سبب عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جا سمورا قرض منسوخ ڪن: ماحولياتي ۽ زرعي ماهر

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) ماحولياتي، زرعي ماهرن ۽ سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ تباهڪارين کي روڪڻ جي لاءِ نئين سر منصوبابندي ڪري ماحول دوست توانائي جي منصوبن تي ڪم ڪيو وڃي، عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جا سمورا قرض منسوخ ڪن ۽ ان رقم کي ٻوڏ متاثرن جي صحت، تعليم، گهرن جي تعمير ۽ روزگار جي بحالي جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ ماحول جي بگاڙ جو سبب بڻجندڙ توانائي جي منصوبن بجاءِ پنهنجو ناڻو صاف ۽ مقامي توانائي جي ذريعن کي مضبوط ڪرڻ تي لڳائي ۽ پاڪستان جي 30 سيڪڙو صاف توانائي جي حدف حاصل ڪرڻ ۾ منصفاڻي نموني مدد ڪري، مٽسوبشي ڪمپني تعبير ايل اين جي جي فنڊنگ بجاءِ اها سيڙپڪاري سستن، مقامي ۽ قابل تجديد توانائي جهڙوڪ صاف هوا ۽ شمسي توانائي جهڙن منصوبن تي لڳائي. اهڙو مطالبو هنن ڪالهه حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن پاران انڊس ڪنسورشم جي تعاون سان ماحولياتي تبديلين ۽ ماحول دشمن توانائي جي منصوبن جي حوالي سان ٿيل ويهڪ ۾ ڪيو. ان موقعي تي سافڪو جي باني سليمان جي ابڙو چيو ته دنيا ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان واقف آهي، پر اسان جا ماڻهو ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان اڻڄاڻ آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب تعليم جي کوٽ آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪم نه ٿيو آهي، ماحولياتي تبديلون دنيا جي انهن ملڪن جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجن جيڪي ان جي ڪري گهڻو متاثر ٿين ٿا. هن چيو ته سنڌ رڳو ان ڪري ٻڏي ٿي ته هتي ڪا به منصوبابندي ناهي، ماحولياتي تبديلين کي ڏسندي رٿابندي نه ڪئي وئي آهي، پاڪستان عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين ۽ پائيدار ترقي جي حدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنهن عالمي اصول جو پابند آهي ان تي حڪومتون عملدرآمد ڪن، سنڌ جي لاءِ سدائين تباهي جو خطرو بڻجڻ ايل بي او ڊي جڏهن تيار ٿي رهيو هو ته اسان ان وقت به ان جي ڊزائين تي اعتراض ڪيا هئا، احتجاج ڪرڻ سان گڏ اسان عدالتن ۾ به وياسين. ماحولياتي ۽ زرعي ماهر پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏن جي تاريخ تمام ڊگهي آهي، پر ويجهي ماضيءَ جنهن انداز سان سنڌ کي برساتن ۽ ٻوڏن تباهه ۽ برباد ڪيو آهي ان جو سبب پلاننگ کان بغير رٿائون شروع ڪرڻ ۽ منصوبا جوڙڻ کان ويندي فطري وهڪرن کي بند ڪرڻ، سستا ۽ وڏي مدت وارن ماحول دوست توانائي جي منصوبن کي رد ڪري مهانگا ۽ ماحول دشمن منصوبن تي سيڙپڪاري ڪرڻ آهي. هن چيو ته هاڻوڪين برساتن جي ڪري سڄي سنڌ رڳو ان ڪري ٻڏي ته پاڻي نيڪال نه پئي ٿي سگهيو، قدرتي وهڪرن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ملير ندي مٿان بحريا ٽائون جهڙو منصوبو اڏيو ويو، هاڪڙي ۽ ڊورو نارو سميت ٻين ڪيترن ئي وهڪرن جي ساڳي صورتحال آهي. هن چيو ته تازين برساتن سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت ۽ لائيواسٽاڪ کي پهچايو آهي، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، سرڪاري انگن اکرن موجب 6 لک کان وڌيڪ چوپايو مال متاثر ٿيو، ماڻهن جي روزگار جا ذريعا ختم ٿي ويا آهن. انڊس ڪنسورشم جي اڳواڻ فزا قريشي چيو ته ماحولياتي تبديلين جو اثر اسان ٻوڏ جي صورت ۾ ڏٺو آهي، هي ٻوڏ درياهه جي ٻوڏ نه پر برسات جي ڪري آئي آهي، 700 ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون. هن چيو ته گرين هائوس گيسز خارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي، پر پاڪستان انهن 5 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي گرين هائوس گيسز جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري روزگار، صحت، خوراڪ ۽ تعليم تي انتهائي ڀيانڪ اثر پيا آهن. سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جاويد سوز هالائي چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ماحولياتي بگاڙ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهي، پر ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ئي وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رٿابندي ڪرڻي پوندي، اسان کي ماحول دوست توانائي جي منصوبن ڏانهن وڃڻو پوندو، اهو طئه ڪرڻو پوندو ته جيڪي منصوبا ماحول دشمن آهن انهن تي سيڙپڪاري نه ڪئي ويندي ۽ شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور جهڙن منصوبن جي ذريعي اسان پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهون ٿا. ان موقعي تي ماروي اعواڻ، رحمت الله سولنگي، عباس کوسو، رفيق جمالي، واجد شمس ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں