ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ رحمان بابا ايڪسپريس ٽرين جو اسٽاپ بحال ٿيڻ تي ريل گاڏي ۽ عملي جواسٽيشن تي شاندار استقبال رپوٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ رحمان بابا ايڪسپريس جو اسٽاپ بحال ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو جڏهن ريل گاڏي ريلوي اسٽيشن ٽنڊوآدم تي پهتي ته ٽنڊوآدم جي شهرين ۽ ريلوي اسٽاف اسٽيشن ماسٽر عبدالله سومرو ، ايس ايڇ او ريلوي حيدرآباد غلام حسين بروهي ، ٽنڊوآدم ريلوي چوڪي انچارج مختيار بلو ، عمران غوري ، سهيل اڪرام قريشي، وسيم چنا سميت ماڻهن جي وڏي انگ ريل گاڏي جي عملي جو شاندار استقبال ڪيو ان موقعي تي اسٽيشن ماسٽر عبدالله سومرو چيو ته ٽنڊوادم اهم صنعتي ۽ ڪاروباري شهر آهي جيڪڏهن ٽنڊوآدم جا رهواسي صحيح بزنس ڏيندا ته انشاالله ٽنڊوادم ۾ رحمان بابا جو اسٽاپ مستقل ٿي ويندو .
