لاهور (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي قيادت ۾ حقيقي آزادي لانگ مارچ لبرٽي چوڪ کان شروع ٿي چڪو آهي. عمران خان مک ڪنيٽينر تي چڙهي چڪو آهي، حقيقي آزادي لانگ مارچ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل آهي، جن کي هٿن ۾ جهنڊا ۽ پوسٽر کنيل آهن. عمران خان جي قيادت ۾ لبرٽي چوڪ کان رواني ٿيل مارچ جي آخري منزل اسلام آباد آهي، مارچ لاءِ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن. عمران خان مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته 26 سالا سياسي ڪيريئر دوران سڀ کان اهم سفر شروع ڪري رهيوآهيان، وقت اچي ويو آهي ته اسان هن ملڪ جي حقيقي آزادي جو سفر شروع ڪيون. سندس چوڻ هو ته منهنجو مارچ سياست، چونڊن يا ذاتي مفاد لاءِ نه پر رڳو هڪ مقصد آهي ته قوم حقيقي طور آزاد ٿئي، اسان جا فيصلا واشنگٽن يا برطانيا ۾ نه ٿين پر پاڪستان جا فيصلا پاڪستان ۾ ٿين ۽ پاڪستاني عوام لاءِ ٿين. ڊي جي آءِ ايس آءِ ٻڌي ڇڏي، مان ملڪ ۽ ادارن خاطر چپ آهيان. نواز شريف وانگر ڀڳوڙو ناهيان، منهنجو جيئڻ مرڻ هن ملڪ ۾ آهي، هڪ آزاد فوج چاهيان ٿو، اسان جي تنقيد براءِ اصلاح هوندي آهي گهڻو ڪجهه چئي سگهان ٿو ته پر ملڪ کي نقصان رسائڻ نٿو چاهيان. هن چيو ته مون ڪڏهن به ڪو غيرآئيني مطالبو ناهي ڪيو، صرف ۽ صرف شفاف چونڊن چاهيان ٿو، چاهيان ٿو ته عوام کي فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عدليا کي چوڻ چاهيان ٿو ته اسان کي آئين ۽ قانون جي وچ ۾ رهي ڪري هلنداسي، سپريم ڪورٽ اسان کي جتان جي اجازت ڏني آهي اتي وينداسين، ڪو قانون نه ٽوڙينداسين، ريڊ زون نه وينداسين.
