پکو لڳ گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙھائي شروع نٿي سگھي

پکو(ن س) پکو لڳ گرلس پرائمري اسڪول ديدڙ جي ڪروڙين روپيه جي بلڊنگ تيار ٿيڻ باوجود پڙھائي شروع نٿي سگھي ماسترياڻيون گھر ۾ پڙھائڻ لڳيون ڪروڙن جي بلڊنگ کي تالا لڳل تعلقي آفيسر بشير چانڊيو جو بند اسڪول تي ڇاپو اسڪول جي بند ھُجڻ جو نوٽيس ورتو ماسترياڻين خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ذميوار عملي خلاف ڪاروائي جو فيصلو ان ڏس ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر بشير احمد چانڊيو گرلس پرائمري اسڪول ديدڙ تي ڇاپو ھنيو ته اسڪول کي تالا لڳل ھُئا جڏھن ته اسڪول ۾ ماسترياڻيون ۽ ٻيو عملو نه ھُجڻ تي تعليم کاتي جي آفيسر پاران ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ ڄاڻايل عملي خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو ان حوالي سان تعلقي آفيسر بشير چانڊيو جو چوڻ ھو ته گرلس اسڪول ڪيمپس ھاءّ اسڪول ديدڙ جي زمري ۾ اچي ٿو جتي ٻيا اسڪول معمول موجب کليل آھن ۽ پڙھائي ھلي رھي آھي پر گرلس اسڪول ديدڙ کي ڪيتري عرصي کان تالا لڳل آھن جڏھن ته گرلس اسڪول جي بلڊنگ به ڪروڙين روپين جي لاڳت سان نئين سر ٺھيل آھي پوءّ به ماسترياڻيون اسڪول نه ٿيون اچن ھُن وڌيڪ چيو ته اسڪول جي ھيڊماسترياڻي سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري رھي آھي ۽ اسڪول بجاءّ گھر ۾ نياڻيون گھرائي پڙھائي ٿي جيڪو قانون جي خلاف ورزي آھي اھڙي عمل خلاف مون شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آھي ۽ غيرحاضر رھندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪندس ٻئي طرف گرلس اسڪول جي بلڊنگ بند ھُجڻ تي ڳوٺ جون سوين معصوم نياڻون تعليم پرائڻ کان محروم بڻيل آھن ۽ ڳوٺاڻن جو مطالبو آھي ته نياڻين جو اسڪول کولي ٻارڙين کي تعليم جھڙي زيور سان نوازيون وڃن .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں