ڊگھڙي ڀرسان انب موري اسٽاپ تي ٻئي ڏينھن به برسات متاثرن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

ڊگھڙي (ن س) ديھ 170 کان  سم نالي ڪيترائي ڳوٺ ۽ ھزارين ايڪڙ فصل ٻوڙي ڇڏيا انب موري اسٽاپ تي صبع کان وٺي شام تائين عورتن ۽ مردن جو ڌرڻو جاري ،ڊگھڙيڀرسان ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد انب موري اسٽاپ تي  پ ٽي آئي اڳواڻ ارباب عنايت الللا،  احسان جروار، ،محمد علي ڪلوئي،دلبر رمداڻ،ظفر بروھي ۽ سوين عورتن ۽ مردن جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو جڏھن سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون  اڳواڻن صحافين سان ڳالھيندي چيو ته ٽي مھينا برسات جي پاڻي ٿي ويا آھن پر اڃا تائين برسات جو پاڻي نه ڪڍيو ويو جڏھن  آبپاشي کاتي ۽ ڊي سي ميرپورخاص  واعدو ڪيو ھو ته علائقي مان جلد ۾ جلد پاڻي نيڪال ڪرائيندس پر اڃا تائين پاڻي نيڪال ڪو نه ڪرايو واعدا تان ڦري ويو آھي انھن جي نااهلي جي ڪري ديھ 170 کان نڪرندڙ غير فطري ۽ نامڪمل سم نالي کي هنڌان هنڌان گهارا پئجي ويا ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو اٿس تازو برساتن کانپوء نامڪمل سم نالي ٽنڊوجان محمد ۽ انب موري ڀرسان وڏي تباهي آندي آهي بيٺل پاڻي ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ضلعي جي انتظاميه پنهنجي نااهلي کي بچائڻ لاء پاڻي نيڪال لاء اڃان تائين ڪي به اپاء ناهن ورتا هڪڙا اڳ ئي ٻڏل آهن باقي بچيل عوام کي ٻوڙڻ اهو مسئلي جو حل ناهي هنن چيو ته نامڪمل سم نالي جو ڇوڙ پراڻ ۾ ڪرائي سوين ڳوٺ ۽ فصل بچايا وڃن ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ڌرڻي ۾ عورتن ۽ مردن سميت آس پاس جي ڳوٺاڻن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں