کپرو(ن س) گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڀٽ ڀائٽي تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ جي پرنسپال محمد جمن سولنگي ۽ سندس اسٽاف اسڪول ۾ ڪيريئر اينڊ ڪائونسلنگ تي ھڪ سيمينار ڪوٺايو. جنھن ۾ رئيس حاجي امان الله خان مري مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. تعليمي ماهر سائين جمن گجو صاحب پروگرام جي صدارت ڪئي. زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سب ڪئمپس جي ليڪچرر ذوالفقار مري، ليڪچرر ياسر مري، ليڪچرر سمبل مستوئي، ليڪچرر وسيم لنڊ، آءِ ٽي ماھر ابوالڪلام عرف جان عالم مري، اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين تعليم، ايندڙ وقت ۾ تعليمي گھرجون ۽ انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪھڙا ڪھڙا شعبا چونڊڻ گھرجن ھر فيلڊ جي ماھر پنھنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
