ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا سيني ۾ ڌڪ لڳڻ سبب اڌڙوٽ شخص فوت، وارثن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ڊر) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ الاھي بخش کوسو ۾ مبينا طور سيني ۾ ڌڪ لڳڻ سبب اڌڙوٽ شخص الله داد عرف الله وراريو کوسو فوت ٿي ويو. مقتول جي فوت ٿيڻ بعد گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ان سلسلي ۾ فوتي مقتول جي ڀائرن قمبر، صفر، حمل کوسو ۽ ٻين وارثن احتجاج ڪندي چيو ته صبح جو شيخ برادري جا ماڻھون ۽ ڪجهه جکراڻي به ان ۾ شامل ھئا سئو کان مٿي ماڻھون جن وٽ ھٿيار به ساڻ ھئا چوري جا پيرا کڻي پھتا ته انھن کي چيو سين توھان ڀلي تلاشي وغيره وٺو دلجاءِ ڪيو توھان ڀُليل آھيو توھان جي چوري جا پيرا اسان جي گھرن ڏي نه آيا آھن ناانصافي نه ڪيو جنھن بعد شيخ برادري جي ڪجهه ماڻھن منھن ماري ڪئي ۽ اسان جي ڀاءُ الله داد عرف الله ورايو کوسو کي سيني ۾ ڌڪ ھنيو ۽ ھو زمين تي ڪري بيھوش ٿي فوت ٿي ويو اسان سان ظلم ناحق ٿيو آھي اڳ به شيخ برادري سان سڱاوتي مسئلو ھلي رھيو آھي هنن چوري جو ڪوڙو ڊرامو رچائي اسان جي ڳوٺ تي سوين ماڻهن سان گڏجي هلان ڪئي جن سان گڏ پوليس به موجود هئي پوليس جي موجودگي ۾ هنن اسان سان منهن ماري ڪندي جهيڙو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب اسان جو همراه الله داد عرف الله ورايو کوسو ڌڪ لڳڻ سبب قتل ٿي ويو شيخ برادري جي ماڻهن اهڙو واقعو ڪرڻ بعد پوليس سان گڏجي هليا ويا ۽ اسين اهڙي معاملي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنوسين جنهن بعد پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيوسين جتي ڊاڪٽرن اسان جي همراه جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ضروري ڪاروائي بعد لاش اسان جي حوالي ڪيو ويو.هنن چيو ته اسين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ بي سيڪشن ٿاڻي تي وياسين جتي ايس ايڇ او اسان کان ڪيس داخل ڪرائڻ جا 3 لک روپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تي اسان کي داٻا داهمان ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو ان بعد اسين ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪيوسين 4 ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهيو پر ڪوبه پوليس جو اعليٰ عملدار ڳالهين لاءِ نه پهتو ان بعد اسين ڪنڌڪوٽ جي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيوسين اتي به ڪوبه ڳالهين لاءِ نه پهتو هنن جو چوڻ هو ته قاتل بااثر آهن ۽ بااثرن جي ڀٺڀرائي حاصل آهي تنهن ڪري اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو پيو وڃي ۽ اسين انصاف لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهيون هنن آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه،ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته خدارا اسان جي ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.جڏهن ته آخري اطلاع تائين انڊس هاءِ وي تي کوسا برادري پاران لاش رکي ڌرڻو جاري رهيو.پوليس پاران ڪيس به داخل نه ڪيو ۽ نه ئي الزام هيٺ آيل شيخ برادري جو ڪو ماڻهو گرفتار ٿي سگهيو. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل شيخ برادري جي امير بخش،  امان الله ۽ محمد عمر شيخ رابطي تي ٻڌايو ته چوري اسان جي بلڪل ٿي ھئي اسان پيرا کڻي وياسين پيرا مرحوم الله داد کوسو وارن جي گھرن کان پري گم ٿيا اسان اتي ان جي اوطاق تي لڙي وڃي چانھن پيتي سين. اسان جو کوسن مرحوم وارن سان ته مائٽي،رشتا واسطا آھن اسان جا چور به نه آھن کوسن ۽ اسان جو شڪ به مرحوم واري ڌر مٿان نه آھي. مرحوم سان منھن ماري به نٿي آھي. ڌڪ ڌڪو ته پري جي ڳالھ آھي.رش ڊمب ڏسي مرحوم  الله داد کوسو کي شايد ھاٽ اٽيڪ ٿيو جو ھو فوت ٿيو.ناحق ڪنھن سان به نه ٿئي ھڪ علائقي جا آھيون کوسن سان واسطا آھن ھي خون جو مسئلو آھي اسان ان ۾ بي گناھ آھيون ۽ کوسا به اسان جا چور نه آھن نه انھن جي گھر پيرو به ويو سڀ سان انصاف ٿئي اسان سان پوليس عملدار ايس ايڇ او بختيار ڊومڪي ۽ ٻيا اھلڪا به گڏ ھئا ۽ ٻيا ڪافي ماڻھون ھئا اسان تي ثابت ٿئي ته اسان ھر ڏوھ ۽ ڀرڻ لاءِ تيار آھيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں