دادو(ڊ ر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين ڏاڏي ڪرم الله، والد مختيار ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، الزام هيٺ آيل پ پ ايم پي ايز سردار احمد خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جو وڪيل غير حاضر هجڻ سبب ٻُڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آھي، سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻو هيو جيڪو هڪ دفعو ٻيهر التويٰ جو شڪار ٿيو آھي، ڪيس کي تاخير ڪرائڻ لاءِ جوابدار مختلف حربا استعمال پيا ڪن، مون سميت منهنجي فيملي کي جان جو خطرو آھي منهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي کي قتل ڪندڙن کي ڦاهي تي پهچائڻ تائين خاموش نه ويهندس عدليه مان انصاف جي اميد آھي.
