اوٻاوڙو ڀرسان ماڇڪو پوليس هٿان هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو ڀرسان ماچڪو ٿاڻي جي حد ۾ ماچڪو پوليس ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو پوليس کي خفيه اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ماچڪو راڻا محمد رمضان  پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري ڪچي ۾ پھتو ته ڏوھارين ۽ پوليس جي وچ ۾ فائرنگ جي وٺ ٿي پئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري نھال ڪوش زخمي ٿي پيو زخمي ڏوھاري کي پوليس گرفتار ڪري علاج لا۽ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو ۔ھوڏانھن ايس ايڇ او ماچڪو راڻا محمد رمضان جو چوڻ ھو ته جوابدار نھال ڪوش قتل ۔ڦرون ۽ ٻين ڪيسن ۾ گھربل ھو جيڪو اسان ھن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں