بدين ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو،پوليو مهم جي بائيڪاٽ جو اعلان

بدين (ڊ ر) ايم ايم ڊي سم نالي م مبينا طور تي ھنيل ڪٽ جي ڪري سيلابي ٻوڏ ۾ ٻڏي ويل يو سي ملڪاڻي شريف جي ڳوٺن پريم نگر دودو سرگاڻي نور محمد ڪنبوھ بابو ماڇي امير بخش ڪلوئي جي رھواسين ڪالھ سندن ڳوٺن سامھون روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليو مھم جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ھن موقعي تي رھواسين ديدار ڪلوئي امتياز ڪلوئي بابو ماڇي ء بين چيو ته سندن ڳوٺ گھارا پوڻ سبب  مڪمل طور تي ٻڏي ويا ھئا جنھن ڪري رھواسي ھن وقت تائين روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن گھر اسڪول زمينون پاڻي ھيٺ آھن ان ھوندي سندن ديھ پروڙ کي امدادي سرگرميون م مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آھي جڏھن ته گھارو سندن ڳوٺن جي سامھون لڳو آھي ۽ ڳوٺ فصل تباھ آھن گھرن م پاڻي بيٺل آھي جنھن ڪري ھو سخت مصيبتن کي منھن ڏيئي رھيا آھن ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڍي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺن ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري اعلانيل ڪڻڪ جو ٻج ڏنو وڃي ٻي صورت م ھو مجبورن احتجاج طور پوليو مھم جو بائڪاٽ جاري رکندا 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں