روم تنهنجا روپ هزار

امير ابڙو
آگسٽس جو حڪمران بنجڻ
جوليس سيزر جي قتل کان پوءِ روم ۾ گهرو ويڙهه جا امڪان وڌي ويا.بروٽس ۽ سندس ساٿي سينيٽرن جوليس سيزر کي 23 خنجر جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.نتيجي ۾ هو پاڻ ئي سهمجي ويا هئا ته هي اسان ڇا ڪيوسين.سينيٽ جي ٻاهران روزانو ايندڙ عوام کي ڪهڙيون اکيون ڏيکارينداسين.عوام جي ههڙي مقبول اڳواڻ جنهن روم مملڪت ۾ گال ۽ مصر جهڙن حڪومتن کي شامل ڪري روم مملڪت ۾ پهرئين دفعا ايڏو وڏو اضافو ڪري ڇڏيو هو.عوام کائنس بيحد محبت ڪندو هو.هاڻ سندس رت ۾ رڱيل لاش کڻي ٻاهر ڪيئن وينداسين ۽ ڪهڙو عذر ڏينداسين. قتل جي دوران ڇاڪاڻ ته سيزر جي بهترين ساٿي مارڪ اينثوني کي اندر اچڻ نه ڏنو ويو هو تنهن ڪري اهو عوام جي آڏو معصوم هو.سينيٽرن جو اعتماد حاصل ڪري في الحال عارضي طور تي اهو حڪمران ٿي ويو. بي چيني ۽ ڦڙڦوٽ سموري ملڪ ۾ ڦهلجي ويئي هئي.بروٽس جي ماءُ ۽ سيزر جي محبوبه سلويا تي قيامت اچي چڪي هئي.مٿان وري سندس ئي پٽ بروٽس جو سيزر جو قتل ڪيو ته هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هوءَ ڪنهن جو پاسو اختيار ڪري.ساڳي طرح سيزر جي ڀيڻ عطيه جيڪا هاڻ سيزر جي خاندان جي نمائنده هئي، پڻ سندس قتل کان پوءِ جي صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ لڳي.
مارڪ ائنٿوني جڏهن سينيٽرن کي سيزر جي وصيت پڙهي ٻڌائي ته هو ششدر ٿي ويا ڇو ته هن وصيت ۾ نه صرف پنهنجو وارث سندس ڀاڻيجو آڪٽاويا کي ڪيو پر سندس سموري ملڪيت جنهن ۾ سون ۽ ڪيئي زمين جا حصا هئا، اهي پڻ هن پنهنجي ڀاڻيجي آڪٽاويا جي نالي ٿي ڪري ڇڏيا. آڪٽاويا جنهن جو عوامي نالو آگسٽس پئجي ويو ، 20 سالن جي گهرو ويڙهه کان پوءِ روم جو حڪمران بنيو ءِ 40 سالن تائين حڪومت ڪيائين.روم جا مورخ توڙي عوام کيس روم جو هيرو ڪري سمجهن ٿا ۽ نمائندا اڳواڻ ڪري پيش ڪن ٿا ڇو ته اهو ئي هڪ حڪمران هو جنهن ملڪ ۾ وري جمهوري قدر آندا، سينيٽ جي بحالي ڪئي، غلامن تي بغير عدالتي ڪارروائي جي ڪوبه فيصلو مسلط ڪون ڪيو.500 سالن جي حڪومت جي دوران 70 رومن بادشاهن مان فقط آگسٽس جا ئي مجسما روم شهر جي گهٽي گهٽيءَ ۾ نظر آيا.ڪجهه تصويرون هن مضمون سان گڏ مان لڳايان ٿو. جنهن وقت مارڪ ائنٿوني سيزر جي وصيت پڙهي ٻڌائي ته آڪٽاويا يعني آگسٽس موجود هو پر هن جي عمر ان وقت 17 سال هئي ۽ هو هڪڙو ڪچڙو نوجوان هو پر سندس شخصيت ۾ تمام گهڻي سياڻپ هئي.سيزر جي وصيت جو اعلان سندس مرتئي تي سموري عوام کي پڙهي ٻڌايو ويو، جتي اهي اعلان ٿيندا هئا، اها جڳهه ، اهو ميدان جيڪو هن وقت کنڊر آهي، اهو آئون ۽ سعيده رومن فورم ۾ گهمياسين ۽ ڪجهه تصويرون توهان جي لاءِ هتي پيش ڪريان ٿو.
مارڪ ائنٿوني بروٽس ۽ ٻين قاتل سينيٽرن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هن همراهه ۾ اڳواڻيت جون خاصيتون گهڻيون خاص ڪونه هيون.سندس بد نيتي هر جڳهه تي ظاهر ٿيندي رهي.هڪ ته هن سيزر جي ڀيڻ عطيه سان شادي ڪئي ته جيئن سيزر جي خاندان جو وارث بنجي.هن جي ڪردار کي پاڪستاني سياستدان آصف زرداريءَ جو ڀيٽي سگهجي ٿو.ٻيو ته هو آڪٽاويا آگسٽس جي ملڪيت ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.عطيه سان شادي ڪرڻ جي ڪري هو آڪٽاويا کي پنهنجي ئي گهر ۾ هڪ ٻار جي طور سمجهڻ لڳو جڏهن ته کيس خبر هئي ته ملڪيت جو مالڪ آگسٽس آهي .عطيه ، آگسٽس جي ماءُ به سندس ساٿ ڏيندي رهي جو هو سندس مڙس جو ٿيو.پر آگسٽس جي شخصيت ۾ هڪ متوازن حڪم هلائڻ جي خاصيت موجود هئي تنهن ڪري هن تي مارڪ ائنٿوني جي چالن جو ڪو اثر ڪونه ٿيو ، الٽو ئي هو مارڪ ائنٿوني جيڪو سندس ماءُ جو هاڻ مڙس به هو انهيءَ سان ٿورو ٿورو وڙهڻ به لڳو. روم ۾ ان وقت سپاهي ۽ جٿن جا جرنيل ٿيندا هئا ۽ حڪومت جوڙڻ لاءِ فوجي جٿا سندن سپه سالار جو چوڻ مڃندا هئا.جوليس سيزر به ائين حڪومت جوڙي ۽ آگسٽس کي به ائين ئي ڪرڻو پيو.15 مارچ 43 بي سي تي جوليس سيزر کي قتل ڪيو ويو.جنهن واقعي کي آئلز آف مارچ طور به ياد ڪيو ويندو آهي.63 بي سي تي آگسٽس جي حڪومت قائم ٿي.19 سال ڪجهه مهيندا گهرو ويڙهه ٿيندي رهي پر آگسٽس اها حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ تمام سياڻي حڪمت عملي سان مارڪ انٿوني سان جنگ ڪندو رهيو.
مارڪ ائنٿوني جي بادشاهه هجڻ جي ڪري ملڪيت جو آگسٽس ڏانهن منتقل ٿيڻ ڏکيو ٿي ويو هو پر هو هن کان ملڪيت جو قبضو گهرندو رهيو.جڏهن ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته هن کان اجازت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ئي زمينون وڪڻي فوجي جٿا خريد ڪيائين ۽ پنهنجي فوج بنائي يونان جي شهر ائٿينز ڏانهن سندس باقي سون کڻي روانو ٿي ويو.پوءِ اتان مارڪ ائنٿوني تي حملا ڪندو رهيو.پوءِ جڏهن روم ۾ اچي روم جي سڀ کان اعليٰ عهدي ڪائونسلر لاءِ چونڊيو.جڏهن ته مارڪ ائنٿوني سندس ماتحت ٿي ڪم ڪرڻ پسند نه ڪيو ۽ مصر ڏانهن هجرت ڪري قلوپيٽرا سان شادي ڪيائين.انهيءَ شاديءَ جو به سياسي مقصد هو تنهن ڪري اتي به کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي.روم ۾ ڇاڪاڻ ته هاڻ آگسٽس جي حڪومت قائم ٿي رهي هئي تنهن ڪري قلوپيٽرا کان سواءِ ٻين مصري حڪمرانن ۽ روم ۾ قبضي ۾ آيل علائقن جي گورنرن سندس عزت نه ٿئي ڪئي. روم ۾ آگسٽس جو پس منظر جوليس سيزر جي خاندان جو هو ان ڪري مختلف ضلعن مان سپه سالارن سندس حمايت جو اعلان ڪيو.هاڻ سموري خطي ۾ جتي به رومي مملڪت هئي، اتي اهو مشهور ٿي ويو ته جوليس سيزر جو وارث آگسٽس حڪمران بنجي ويو آهي. توهان جي دلچسپي لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته انگريزي مهينا جولاءِ ۽ آگسٽ انهن ٻن حڪمرانن جي پويان رکيل آهن .جولاءِ جوليس سيزر جي نالي تي آهي. آگسٽ روم جي بهترين حڪمران آڪٽاويا آگسٽس جي نالي تي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں