ڪراچي (خاص نمائندي وٽان) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جون چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو عمل 8 نومبر کان شروع ٿي رهيو آهي .آن لائين ووٽ ڏيڻ لاء ميمبرن ڏانهن بيلٽ پيپر ميل ذريعي موڪليو ويندو .سانا جي اليڪشن ۾ پروگريسو پينل پاران جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي لاء نيويارڪ ۾ رهندڙ نالي وارو سياسي سماجي ڪارڪن علي خاصخيلي اميدوار آهي .علي خاصخيلي روزاني ”سنڌ“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون هميشه ڌرتي واسين جي خدمت ڪرڻ پنهنجو پھريون فرض سمجهو آهي، جنهن جي شاهدي آمريڪا ايندڙ دوست ڏيئي سگھن ٿا. هن چيو ته سانا اهڙو ادارو آهي، جنهن وسيلي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي هڪ ٻئي سان پنھنجا تعلقات وڌائي سگھندا آهن.هن چيو اسان جي پينل وٽ هڪ جامع منصوبندي آهي. نوجوانن، عورتن لاء مختلف پروگرام منعقد ڪرايا ويندا .آمريڪا ۽ ڪينيڊا ايندڙن لاء ۽ سندن روزگار ڏيارڻ لاء به اسان وٽ منصوبندي ٿيل آهي.هن چيو ته اميگريشن جهڙن مسئلن لاء هڪ وڪيل هائير ڪيو ويندو جيڪو هتي ايندڙن جي مدد ڪندو.هر سال ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ دنيا جي نالي وارن ماڻهن کي دعوتون ڏيئي گھرايو ويندو. هن چيو ته اليڪشن هڪ جهموري عمل آهي، جنهن سان ادارو مضبوط ٿئي ٿو. علي خاصخيلي چيو آهي ته اسان ورڪ ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن جا دورا ڪري رھيا آھيون. اسان کي تمام سٺي موٽ ملي رهي آهي. ڪاميابي جي صورت ۾ هڪ مضبوط ادارو ٺاهينداسين.
