لانگ مارچ ۾ رتوڇاڻ جو خدشو، حڪومت پي ٽي آءِ جٿن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: گهرو وزير

اسلام آباد ( بيورو ) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله علي امين گنڊاپور جي مبينا آڊيو ڪانفرنس ۾ پيش ڪري ڇڏي ۽ دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ لانگ مارچ ۾ رتوڇاڻ چاهي ٿي، جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن، جيڪڏهن جرئت آهي ته هن آڊيو کي ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاري. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ لانگ مارچ ۾ لاش ڪيرائڻ جو پروگرام ٺاهي رهي آهي ته جيئن حڪومت تي الزام اچي، سندن جٿن جا جٿا هٿيار کڻي مارچ ۾ اچي رهيا آهن، انهن جو مقصد اسلام آباد ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي جنهن جا اسان وٽ ثبوت موجود آهن پر اسان ڪنهن کي به اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين هن پريس ڪانفرنس دوران هڪ آڊيو پيش ڪئي جنهن کي مبينا طور پي ٽي آءِ جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور ۽ اڻڄاتل شخص وچ ۾ ڳالهه ٻول جو نالو ڏنو ويو ، آڊيو ۾ علي امين گنڊاپور ڪنهن همراهه سان هٿيار ۽ ماڻهو آڻڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪري رهيو آهي. گهرو وزير دعويٰ ڪئي ته هي آڊيو علي امين گنڊاپور جي آهي جيڪڏهن جرئت آهي ته پي ٽي آءِ ان کي غلط ثابت ڪري ڏيکاري، ڪٿان به آڊيو جو فارنزڪ ڪرائين سچ سامهون اچي ويندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان جو مقصد هتي اچي ڌرڻو ڏيڻ نه آهي پر سندس مقصد ماڻهن کي آڻي سيڪيورٽي ادارن سان ٽڪراءُ ڪرائڻ آهي، سندس مقصد قوم کي ورهائڻ، فتنو پکيڙڻ، جوانن کي ورغلائڻ، ملڪ کي ورهائڻ، ماڻهن کي فورسز سان ويڙهائڻ ۽ ملڪ کي وڌيڪ تڪرارن جي ور چاڙهي قومي سانحو پيدا ڪرڻ آهي هن شيطاني راند کي فتنو خان مارچ ذريعي پورو ڪرڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هوته گجراب مان اهڙا ماڻهن جي شامل ٿيڻ جو خطرو آهي، پنجاب حڪومت کي چوان ٿو عمران خان جي ريلي ۾ هٿياربند ماڻهن جي شامل ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ اهي به اطلاع آهن ته اهي ماڻهو سيڪيورٽي ادارن سان ٽڪراءُ جي نيت سان اچي رهيا آهن، وفاقي حڪومت لانگ مارچ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، انهن حالتن کانپوءِ لانگ مارچ کي پرامن مارچ نٿو چئي سگهجي، اسان هر قيمت تي اسلام آباد جي شهرين جي حفاظت يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته ڪي پي حڪومت، آءِ جي ، چيف سيڪريٽري کي خبردار ڪيان ٿوته ڄاڻايل ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪري ۽ هٿيار پنهنجي قبضي ۾ وٺي، جيڪڏهن ڪي پي مان ڪو جٿو هٿيار کڻي اسلام آباد ۾ داخل ٿيو ته ان جي ذميوار اوهان هوندئو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں