چوڻي آھي ته وڙھن سان ۽ لتاڙجن ٻوڙا،ھن وقت پاڪستان جي سياست به ان مثل آھي جو وڏن ڀوتارن جا ھڪ ٻئي کي مھڻن جي مٿان مھڻا آھن تو ھي آفر ڪئي اسان نه مڃيو تو ھي ڪيو ھو ڪيو خير جيڪو ٿيو يا ٿي رھيو آھيو يا کڻي چئون ٿين ڏانھن وڃي رھيو آھي اھو سياست توڙي ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي ،حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سياسي پارٽين جو پرامن احتجاج حق آھي ماضيءَ ۾ به نواز سرڪار خلاف وڌيڪ عرصي تائين احتجاج ڪري ويھڻ جو ريڪارڊ عمران خان ئي حاصل ڪيو ھو اھو ھرڪو ڄاڻي ٿو ته ڪيئن عمران خان کي ھڪ پلان تحت آڻي ڪرسي تي ويھاريو ويو ان عرصي دوران لاڏلي ٻار جيان سندس ھر انگل قابل قبول ڪيئن رھيا مضبوط وزيراعظم رھيو پر اچانڪ قوتون ڇو پوئتي ھٽي ويون اھو عمران خان ۽ ڌڻي وڌيڪ ڄاڻين ٿا باقي خلق ته ھوئين به تاڙين تائين محدود آھي نه جن نه ڪن اڌي عشق ۾ اندي واري ڪار آھي، عمران خان جي من ۾ ڇا آھي اھو عوام ڄاڻي ڪونه ٿو ھن جيڪي واعدا ڪيا ڇا اھي ان جي حڪومت ۾ پورا ٿيا ،سنڌ سان وير ھيو ، ڪافي ويساھ گهاتيون سنڌ سان ان دور ۾ ٿيونِ کڻي سنڌ سان وير جي ڪري ڪم نه ٿيا ته پر پنجاب بلوچستان يا ڪي پي ڪي ۾ ڪا نئين سر عمران جي دور ۾ لڳو آھي اھو کڻي ٻڌائين عمران خان پنھنجي جلسن ۾ پنھنجا ڪرايل ڪم ڇو نه ٿو ٻڌائي ڇو پراڻا ڪيل وعدا وفا ٿيندي ظاھر نه ٿو ڪري ڪم زيرو آھي باقي سينيا زوري آھي ڪھڙي منشور تحت ٻيھر عوام وٽ اچي ٿو ڇا ان ڪري جو شين جا اگھ آسمان تي چاڙهيا تيل جي قيمتن ۾ اضافو غريبن کان نوڪريون ڏيڻ بجاءِ کسيون ويون ھان جڏھن خطرو ٿي رھيو آھي ته عوام کي بيقوف بنائي زندگيءَ جي خيرات گھرڻ ڇو ٿو چاھي وري وڏي ڳالھ اھا به آھي ته حقيقي آزادي مارچ جي شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪ فوج پريس ڪانفرنس ۾ ڪيترائي سوال ميدان تي ڇڏيا جيڪي سئون سڌو عمران خان طرف آھن پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم به ميڊيا سان ڳالھايو آھي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون، سينيئر صحافي ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو، کيس خطرا ڄاڻائي زبردستي ٻاهر اماڻيو ويو ترجمان پاڪ فوج موجب ارشد شريف کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ آگسٽ ۾ هڪ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو، ٿريٽ الرٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ارشد شريف کي ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ قائل ڪرڻ هو ، ارشد شريف 10 آگسٽ تي پشاور ايئرپورٽ تان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، متحده عرب امارات ۾ ارشد شريف جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪنهن ڪيو؟
ارشد شريف کي عرب امارات مان ڪينيا وڃڻ لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو، اي آر واءِ جي مالڪ سلمان اقبال کي پرڏيهه مان گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته سائيفر بابت اڳوڻي وزيراعظم کي سڀ کان پهرين آرمي چيف ٻڌايو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، اسان کي وڏي حيرت ٿي جڏهن جلسي ۾ ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو هوا ۾ ڦڙڪايو ويو، ان پريس ڪانفرنس ۾ ڪافيءَ اھم سؤال اٿاريل آھن انھن جا جواب ڪنھن کان گھريا ويا بظاهر ته اشارن ۾ آھن پر سمجھن وارا سمجھي ويا آھن ته وري ٻئي طرف اھڙيءَ قسم جو بيان عمران خان جو به آھي ته مون ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي گهرايو ويو ته سمورا تفصيل سامهون آڻيندس، اسلام آباد طرف لانگ مارچ پرامن هوندو، جڏهن مارچ اسلام آباد پهچندو ته انگ اکر ٻڌائيندو ته پاڪستاني جلد چونڊون چاهين ٿا،ان مان صاف ظاھر آھي اصل جھيڙو ڪنھن جو ڪنھن سان آھي چوندا آھن وڙھن سان لتاڙجن ٻوڙا ھتي به اھڙو ئي ڪجھ آھي جڏھن ته اھي به اندروني خبرون آھن ته عمران خان لاءِ گھٽي سوڙھي ڪئي ويئي جنھن ڪري عمران خان سمجھي ويو ته ھاڻ خطرو آھي ڦاسڻ طرف ڌڪيو ٿو وڃي جنھن ڪري ھن ملڪ ۾ ممڻ مچائي پاڻ کي بچائڻ لاء سوچيو آھي جنھن جو نالو آزادي مارچ آھي جتي ماڻھو گڏ ڪري پنھنجي سيفٽي سمجھي ٿو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھجي ته جئين ڳالھيون ٿين وچٿري ڪو رستو نڪري اچي جيڪڏھن ازادي مارچ جي شروعات نه ٿئي ھا ته کيس لاء ڌرتيءَ شايد ٽامون ھجي ،پاڪ فوج جي پريس ڪانفرنس وڏي اهميت جوڳي آھي ان ڪري شايد لانگ مارچ کان ڪجھ سياڻا ڪندا ڪنارو باقي خلق ته ھوئين ڪٽبي رھبي آھي چوڻي آھي ته کٽيو کائي مالڪ لٺيون کائي ڀولڙو ، ھن وقت اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي قيادت ۾ حقيقي آزادي لانگ مارچ لبرٽي چوڪ کان شروع ٿي چڪو آهي. عمران خان مک ڪنيٽينر تي چڙهيل آهي، حقيقي آزادي لانگ مارچ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل آهي، جن کي هٿن ۾ جهنڊا ۽ پوسٽر کنيل آهن. عمران خان جي قيادت ۾ لبرٽي چوڪ کان رواني ٿيل مارچ جي آخري منزل اسلام آباد آهي، مارچ لاءِ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن. عمران خان مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته 26 ورهين جي سياسي ڪيريئر دوران سڀ کان اهم سفر شروع ڪري رهيوآهيان، وقت اچي ويو آهي ته اسان هن ملڪ جي حقيقي آزادي جو سفر شروع ڪيون. سندس چوڻ هو ته منهنجو مارچ سياست، چونڊن يا ذاتي مفاد لاءِ نه پر رڳو هڪ مقصد آهي ته قوم حقيقي طور آزاد ٿئي، اسان جا فيصلا واشنگٽن يا برطانيا ۾ نه ٿين پر پاڪستان جا فيصلا پاڪستان ۾ ٿين ۽ پاڪستاني عوام لاءِ ٿين. آئون رڳو پنهنجي ملڪ ۽ ادارن لاءِ چپ آهيان، نواز شريف وانگر ڀڳوڙو ناهيان، منهنجو جيئڻ مرڻ هن ملڪ ۾ آهي، هڪ آزاد فوج چاهيان ٿو، ڊي جي آئي ايس آئي کي جواب ڏئي سگھان ٿو، اسان جي تنقيد براءِ اصلاح هوندي آهي گهڻو ڪجهه چئي سگهان ٿو ته پر ملڪ کي نقصان رسائڻ نٿو چاهيان.ڏٺو وجي ته ھنن سٽن جي لکڻ تائين عمران خان جو مارچ ڪاميابي ڏانھن وڃي ٿو،ڇو ته لانگ مارچ م پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف وٽ ھئڻ ڪري ان ڪري کيس لھر نه لوڏو آھي باقي اسلام آباد پھچي ته خبر پوي ته ڇا ٿيندؤ ، وفاقي سرڪار به چرپر ۾ آھي اسلام آباد ضلعي انتظاميا پي ٽي آء کي فوري طور اين او سي جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف کي هڪ نئون ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ماضي ۾ اين او سي جون ڀڃڪڙيون ڪيون ان لاءِ پي ٽي آءِ شق وار انتظاميا کي وضاحت ڏئي، 25 مئي تي به اين او سي ڏني پر ان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. پي ٽي آءِ لکت طور تي انتظاميا کي مطمئن ڪري، ٻئي طرف وري وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فوجي آفيسرن سميت ڪنهن به کاتي جنهن تي تنقيد ۽ الزام هجن اهي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا ۽ جڏهن به ضرورت پوي فوجي آفيسرن کي اهڙي آگاهي عوام کي ڏيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ وارن قانون موجب پرامن احتجاج ڪيو ته اجازت هوندي، ڪنهن به جٿي کي اسلام آباد تي چڙهائي جو موقعو نه ڏينداسين، اهڙو سبق سيکارينداسين جو سدائين ياد رکندا. اسلام آباد ۾ احتجاج بابت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا حڪم واضح آهن، عدالت پاران مقرر ڪيل هنڌ تي مڪمل سيڪيورٽي سان گڏ احتجاج جي اجازت ڏينداسين، پر امن احتجاج لاءِ حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. ھن جو چوڻ ھو ته ڪوڙو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سان عوام کي آگاهي ملي،ھاڻ ڏسجي ته آزادي مارچ پاڻ کي آزاد ڪرائي سگھي ٿي يا سڀني کي وجھندو ڪاٺ ۾ ڇو ته وفاقي سرڪار پاران خبرون اچي رهيون آهن ته آزادي مارچ ۾ ھٿياربندن جو جٿو شامل ٿي ويو آھي عمران خان پاڻ ان جٿي کي گھرايو آھي جنھن کي ليڊ ڳنڍاپوري ڪري رھيو بس دعا آھي ته ملڪ جو خير هجي باقي ڪم گهڻو آھي سازشي عناصر ملڪ دشمن قوتون به موقعو جو فائدو وٺي سگھن ٿيون ڀارتي ميڊيا ته عمران خان مارچ کي گھڻي ڪوريج ان ڪري به ڏيئي رھي آھي ته ھو پاڪ فوج جي خلاف ڳالهيون ٿو ڪري ،عمران خان غلطي ۾ آھي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو بڻجڻ جي ڪوشش ۾ آھي پر عمران خان کي ڪير سمجھائي ته ھن جي ۽ انھن جي سياست ۾ ڏينھن رات فرق آھي کڻي تسليم به ڪيون ھن وقت انھن جي سياست جو فقدان آھي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري پر اھا ناداني آھي پنھنجا پر ڪٽائي ڇڏيندو ان ڪري ازادي مارچ کي پرامن طرف وٺي وڃڻ گھرجي احتجاج ھرڪنھن جو حق آھي پر سڀ کان پھرين ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکڻ جي ضرورت آھي ھن وقت ملڪ ۾ اھڙي ڪنھن بہ اڻوڻندڙ واقعي جي سگھ ناهي جھڙي شھيد راڻي جي شھادت وقت ٿيو ان وقت ته جيالن ملڪ کپي جو نعرو ھنيو ادارن جو ڀرم رکيو پر عمران خان توڙي ان جا سوشل ميڊيا جا دانشور ته پٽڙي تان لٿل آھن اُھو عمل ڳچي ۾ آھي ئي آھي وقت پري ناھي ڊسمبر جا پچاڙڪا ڏينھن اھم آھن ڪجھ به ٿي سگھي ٿو