ملير ۾ کنڀي گم ڪيل شاگرد افضل لنڊ جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ملير(ڊ.ر) ڏهه ڏينهن اڳ قاسم آباد مان کنڀي گم ڪيل شا گرد افضل لُنڊ جي بازيابي لاءِ وسيم لُنڊ، ريحان سنڌي، ذوالفقار کونهارو جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي افضل لُنڊ جي وڏي ڀاءَ وسيم لُنڊ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 20 اڪٽوبر منهنجو ڀاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ ويو هو جنهن کي ايم بي هاسٽل قاسم آباد مان رات جو سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي منهنجي ڀاءِ جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪوبه تعلق نه آهي هو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ويل هو جتان کين کنڀي کڻي گم ڪيو ويو آهي، سندس گم ٿيڻ کانپوءِ اسان سمورا گهر ڀاتي سخت پريشان آهيون اسان گهر ٿا ڪيون ته افضل لُنڊ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ته جيئن هو پنهنجي يونيورسٽي جي تعليم حاصل ڪري سگهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں