پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ اسلام آباد طرف روان دوان، اسان ٻڪريون ناهيون جو اوهان جا فيصلا قبول ڪيون: عمران خان

شاهدرا ( م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته غلام ئي رڳو سٺو غلام هوندو آهي، اسان ٻڪريون ناهيون جو اوهان جا فيصلا قبول ڪيون. پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي ٻئي ڏينهن شاهدرا کان عمران خان جي قيادت ۾ اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو آهي. لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان رڳو اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ نڪتو آهيان ته آزادي ڇا هوندي آهي، غلام رڳو سٺو غلام ٿيندو آهي جڏهن ته آزاد انسان دنيا تي حڪومت ڪندا آهن. هن چيو ته پهريان شهباز گِل کي کنڀيو ويو وري 75 ورهين جي سينيٽر اعظم کي کنڀي مٿس تشدد ڪيو ويو، اعظم سواتي کي پوٽن پوٽين آڏو تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سڄي دنيا اهڙي عمل تي تنقيد ڪئي. ھن چيو تھ چيف جسٽس کي هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، شهباز گل واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ها ته اعظم سواتي تي تشدد جو واقعو پيش نه اچي ها. عمران خان چيو ته مان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان انسان آهيون، ٻڪريون نه آهيون، پهريان اسان کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف، آصف زرداري شهباز شريف چور آهن، پوءِ کين قوم مٿان مڙهيو ويو، اسان ٻڪريون نه آهيون جو اوهان جو فيصلو قبول ڪري وٺون. لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سازشون تيار ڪيون ويون آهن، تشدد ۽ جيل جون سختيون اسان کي روڪي نه ٿيون سگهن. پي ٽي آءِ جي جاري ڪيل شيڊول موجب لانگ مارچ گوجروانوالا، جهلم، گجرات سميت مختلف شهرن کان ٿيندو چار نومبر تي راولپنڊي جڏهن ته پنج تي اسلام آباد پهچندو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں