پکو(ن س) پکو ۽ آسپاس جي علائقي ۾ سارين جي سٽ شروع ٿي وئي برساتن کان متاثر ۽ مسلسل بيماري جي ڪري سارين جي اپت گھٽ لھڻ لڳي آھي جنھن سان آبادگار سخت پريشاني جو شڪار آھن سارين جي سٽ جو اگھ 1600 روپين تي ھجڻ ڪري آبادگارن کي خرچ به ڳاٽي ۾ پئجي ويا ان حوالي سان آبادگارن فقير رشيد عبدالحميد ميئو، بھادر علي، حاجي محمد عرس ۽ ٻين ٻڌايو ته برساتن ۽ بيماري جي اثر سبب فصل ۾ اھا اپت ناھي جيڪا اڳ ھوندي ھئي جڏھن ته فصل جو ٽيون حصو پاپڙ ۽ کس ٿي ويو آھي آبادگارن وڌيڪ چيو ته ھڪ اڳ ئي فصل کي برساتن ختم ڪري ڇڏيو واپاري 1600 روپيه مڻ ورتو وڃي ٿو جنھن ڪري فصل تي ڪيل خرچ به نٿو نڪري سگھي لکين روپين جو قرض وٺي سارين جو فصل پوکيو ھو تنھن جو به اگھ پورو نٿو ملي، سارين جو اگھ گهٽ ۾ گهٽ 4 ھزار رپيا مڻ ڪيو وڃي.
