عمرڪوٽ( ڊ ر ) ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ٺٽي جي سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر سعيد جاويد جي نوجوان پٽ انجنيئر ايمن کي وحشي درندن پاران وحشياڻي ۽ سرعام قتل ڪرڻ تي پريس ڪلب عمرڪوٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر غلام محمد ڪنڀار، جنرل سڪريٽري اي بي آريسر، نائب صدر نظر سميجو، سنئير صحافي رسول بخش رحيمداڻي، ناهيد حسين خٽڪ، پ ٽ الف جي اڳواڻ محمد ابراهيم بجير، مگهن مهر ۽ سماجي اڳواڻن صحافين جي شرڪت. هڪ سازش تحت ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ سنڌين کي ٽارگيٽ ڪري ماريو وڃي جيڪو عمل ڪنهن به ريت قبول ناهي، سنڌي پرامن آهن انهن جي پرامن رهڻ کي بزدل نه سمجهيو وڃي ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي فورن پورهيتن جا قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي سنڌ حڪومت فورن ايڪشن کڻي مڇر ڪالوني ۾ رهندڙ دادگير ٽولي کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪري ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.سينيئر صحافي ڊاڪٽر سعيد جاويد جي ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ دعا آهي ته الله تعالٰي سندس پٽ شهيد انجنيئر ايمن کي جنت الفردوس اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سموري خاندانن کي ھي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي طاقت ڏي
