احساس ميرل جي شاعري ۾ پيشڪش جو انداز نرالو آهي: تاج جويو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ سنڌ جي نامياري شاعر احساس ميرل سان سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي هال ۾ اڏيرو لال ۽ قاضي احمد جي شاعرن اديبن طرفان رهاڻ لاءِ سرهي سانجهه ملهائي وئي. جتي ليکڪ احساس ميرل جي لکيل ڪتابن جي مهورت پڻ ڪئي وئي. مهورت تقريب ۾ ليکڪ احساس ميرل ڳالهائيندي چيو ته اڄ هن جاءِ تي جيڪي محبتون مليون آهن ۽ اتساهه مليو آهي ۽ عزتون بخشين آهن. اهو اڄ منهنجي لاءِ امتحان به آهي. شل هنن لفظن تي پورو لهي سگهان. شاعر احمد سولنگي چيو ته اڄ هي تقريب ڏسي لڳو اهي ته مٿي ويهڻ واري روايت مان جان ڇٽي آهي. هيٺ ويهي پروگرام ٻڌڻ جو ئي لطف ئي ٻيو آهي. هن چيو ته شخصيت بدران ميرل جي 8 ڪتابن تي ڳالهايو وڃي ها. هن چيو ته شاعر کي مختلف علمن جي ڄاڻ ضرور آهي .شاعري شاعر جي رت ۾ شامل هوندي آهي احساس جي شاعري ۾ خوشبو آهي. تاج جويو چيو ته احساس ميرل سان جيڪو ملي ٿو. اهو هن جي دوستي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. هن جي شاعري ۾ پيشڪش جو انداز نرالو آهي. جيڪو وڻي ٿو. علي دوست عاجز چيو ته سکيا لاءِ بهترين موقعو ٿو سمجهان. هن ڪاڄ پروگرام جا ڪارڊ غلام نبي مغل ورهايا آهن. شاعر پنهنجي جوهر ۾ يڪتا هوندي آهي. تقريب ۾ غلام نبي سومرو. غلام نبي مغل. آڪاش ٽکڙائي. محمد علي ميرجت ۽ ٻين پڻ ڳالهايو. تقريب ۾ اڏيرو لعل. قاضي احمد سميت مختلف شهرن کان شاعرن. اديبن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں